اسلام آباد – 16 – مارچ (اي پي پي) صدر ??اڪ??ر عارف علوي خصوصي ماڻهن جي صلاحيت وڌائڻ ۽ ڪيريئر ڪونسلنگ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته حڪومتي ۽ نجي شعبي کي خصوصي ماڻهن جي مالي ۽ سماجي شمو??يت جي لاءِ گڏيل قدم کڻڻا پوندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن خصوصي ماڻهن جي ڀلائي ۾ مالياتي خدمتن جي ڪردار جي حوالي سان بريفنگ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. نيشنل رورل سپورٽ پروگرام جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ??اڪ??ر راشد باجوه، اين او ڊبليو پي ڊي پي جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر عمير احمد، نيوٽيڪ جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ??اڪ??ر خالد محمود، اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي اسلامڪ فنانس ڊپارٽمينٽ جي ڊائريڪٽر غلام محمد، ايڊيشنل فنانس سيڪريٽري عامر محمود حسين، ڊبليو ايڇ او جي ٽيڪنيڪل ايڊوائيزر ??اڪ??ر مريم ملڪ ۽ سينيئر سرڪاري آفيسرن اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. صدر خصوصي ماڻهن جي صلاحيت وڌائڻ ۽ ڪيريئر ڪونسلنگ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته خصوصي ماڻهن کي انهن جي هنر موجب نوڪرين جا موقعا فراهم ڪرڻا پوندا. هن چيو ته پاڪستان جي 10 کان 14 سيڪڙو آبادي ڪنهن نه ڪنهن قسم جي معذوري جو شڪار آهي، ان صورتحال ۾ حڪومتي ۽ نجي شعبي کي خصوصي ماڻهن جي مالي ۽ سماجي شمو??يت جي لاءِ گڏيل قدم کڻڻا پوندا. صدر چيو ته پاڪستان ۾ خصوصي ماڻهن کي مختلف جسماني ۽ مالي رڪاوٽون درپيش آهن، انهن کي مالياتي خدمتن تائين پهچ ۽ روزگار فراهم ڪري مالي طور تي خودمختيار بڻائڻ جي ضرورت آهي، معاشري کي خصوصي ماڻهن جي ڀلائي ۽ سهولت جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. اجلاس ۾ نيشنل رورل سپورٽ پروگرام جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ??اڪ??ر راشد باجوه خصوصي ماڻهن ۽ عورتن کي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ قدمن بابت بريفنگ ڏني. هن ٻڌ??يو ته نيشنل رورل سپورٽ پروگرام پاڪستان ۾ مائيڪرو فنانشل سروسز فراهم ڪندڙ سڀ کان وڏو ادارو آهي جيڪو ڳوٺاڻن علائقن ۾ آبادگارن ۽ ننڍن زميندارن کي مدد فراهم ڪرڻ ۾ مصروف عمل آهي. نيشنل رورل سپورٽ پروگرام 72 ضلعن ۾ پٺتي پيل ڪميونٽيز جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي جڏهن ته خصوصي ماڻهن جي ڀلائي ۽ بحالي جي لاءِ پڻ ڀرپور قدم کنيا پيا وڃن. بريفنگ ۾ ٻڌ??يو ويو ته نيشنل رورل سپورٽ پروگرام خصوصي ماڻهن کي مالي خدمتن، مصنوعي عضون ۽ بحالي جون خدمتون فراهم ڪري رهيو آهي. پروگرام تحت خصوصي ماڻهن ۾ قرضن جي ذريعي 150.5 ملين رپيا ورهايا ويا آهن، ان کانسواءِ 3346 خصوصي ماڻهن کي مائيڪرو هيلٿ انشورنس ڪوريج ۽ 14039 خصوصي ماڻهن کي مصنوعي عضوا فراهم ڪيا ويا آهن. ان موقعي تي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر نيوٽيڪ ??اڪ??ر خالد محمود اجلاس کي ٻڌ??يو ته نيوٽيڪ خصوصي ماڻهن کي مفت تربيت ۽ هنر فراهم ڪرڻ، مفت رهائش ۽ پڪ اينڊ ڊراپ جي سهولت فراهم ڪرڻ وڃي رهيو آهي. ڊائريڪٽر اسلامڪ فنانس، اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان غلام محمد ٻڌ??يو ته بئنڪن پاران جلد ئي خصوصي ماڻهن جي لاءِ انٽرن شپ پروگرام شروع ڪيا ويندا. صدر خصوصي ماڻهن جي ڀلائي ۽ انهن کي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ کنيل قدمن کي ساراهيو.