اسلام آباد -04 فيبروري (اي پي پي)گهرو معاملن واري وفاقي وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته اسان جو پختو يقين آهي ته ڪشميري پنهنجي جدوجهد ۾ ڪامياب ٿيندا. يوم يڪجهتي ڪشمير تي پنهنجي پيغام ۾ هن چ??و ته اڄ 5 فيبروري کي اسان پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن جي خودمختياري وارو حق حاصل ڪرڻ لاءِ انهن جي منصفاڻي جدوجهد ۾ اڻٽر ايڪتا جو اظهار ڪريون ٿا، هن چ??و ته اهو ضروري آهي ته ڪشميري گڏيل قومن جي انتظام هيٺ آزاداڻي ۽ غير جانبداراڻي راءِ جي ذريعي پنهنجي حق خود اراديت جو استعمال ڪن. هن چ??و ته هي ڏينهن حڪومت پاڪستان ۽ پاڪستاني عوام پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن ۽ پوري دنيا جي سامهون اهو ثابت ڪري ٿو ته اسان والاريل ڄمون ڪشمير جي پراڻي تڪرار کي وسارڻ نه ڏينداسين، گهرو وزير چ??و ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب والاريل ڄمون ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل لاءِ پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن جي هر ممڪن حمايت جا??ي رکندو، اسان جو پختو يقين آهي ته ڪشميري پنهنجي جدوجهد ۾ ڪامياب ٿيندا. ڪشمير جي هن ڏينهن جي موقعي تي اسان ڀارت کان مطالبو ڪريون ٿا ته هو والاريل ڄمون ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين، منظم ۽ رياستي سرپرستي ۾ ٿيل ڀڃڪڙين کي فوري طور تي روڪي ۽ عالمي تنظيمن کي والاريل علائقي تائين بنا رنڊڪ جي پهچ ڏي. اڄ اهو ضروري آهي ته ڪشميري قوم جي حالت تي روشني وڌي وڃي ۽ سفاڪ ڀارتي نيم فوجي دستن جي هٿان انساني حقن جي ڀيانڪ ڀڃڪڙين تي به روشني وڌي وڃي، ڪشمير پاڪستان جي شه رڳ آهي.