اسلام آباد – 30 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ملڪ کي س??اجي ۽ اقتصادي طور تي خوشحال بڻائڻ جي لاءِ رڳو قدرتي ۽ انساني وسيلا ڪافي نه آهن، دانشمندي، پاليسين ۾ مستقل مزاجي، پريشانين کان پاسو ڪرڻ ۽ هڪ ٻئي سان فعال تعاون ملڪ کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪرڻ جي لاءِ ضروري آهي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار اسلام آباد ۾ گل??ت بلتستان حڪومت جي اهتمام هيٺ ”جي بي ڊريم روڊ شو“ جي عنوان سان منعقد تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ گل??ت بلتستان جي گورنر سيد مهدي شاهه، گل??ت بلتستان جي وڏي وزير خالد خورشيد خان، جي بي حڪومت جي وزيرن ۽ ٻين شخصيتن شرڪت ڪئي. تقريب کي خطاب ڪندي صدر چيو ته گل??ت بلتستان کيس تمام عزيز آهي ۽ هن سدائين هن خطي جي س??احتي جاين کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ بطور سفير هن خطي جي نمائندگي ڪئي، سياحن کي علائقي ۾ سهولتون فراهم ڪرڻ گهرجن. صدر چيو ته گل??ت بلتستان قدرتي وسيلن جهڙن معدنيات، قيمتي جواهرات ۽ ميون سان مالامال آهي، اسان کي جواهرات جي ڪٽائي ۽ فنشنگ جي لاءِ سائنسي طريقا استعمال ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ اهڙي طرح جي ڪم لاءِ گهربل هنر تمام گهٽ وقت ۾ سکي سگهجي ٿو، خطي جي نوجوانن جي لاءِ آءِ ٽي جي مهارت جي اهميت کي اجاگر ڪندي صدر چيو ته آءِ جي مهارت رکندڙ ماڻهو آن لائين پليٽ فارمز جي ??ري??ي پاڪستان ۾ رهندي ٻين ملڪن ۾ پنهنجون خدمتون پيش ڪري پنهنجي لاءِ روزگار پيدا ڪري سگهن ٿا. هن چيو ته آءِ ٽي س??ڪٽر عورتن کي روزگار جا موقعا پڻ فراهم ڪرڻ جي لاءِ اهم آهي جنهن سان اهي پنهنجي گهرن مان ڪم ڪري سگهن ٿيون. هن چيو ته مختلف تعليمي پس منظر سان تعلق رکندڙ 2.4 ملين ماڻهن وزيراعظم جي ڊيجيٽل اسڪلز پروگرام، ڊيجي اسڪلز مان فائدو کنيو آهي، ملڪ جي نوجوانن ۽ عورتن کي اهم ۽ قابل مارڪيٽ ڊيجيٽل مهارت فراهم ڪرڻ جي لاءِ اهڙن پروگرامن کي اختيار ڪري سگهجي ٿو. هن چيو ته گل??ت بلتستان جو هڪ شاگرد جنهن ڊيجيٽل اسڪلز پروگرام سان پنهنجي تربيت حاصل ڪئي اهو اٽڪل هڪ لک ڊالر ڪمائي رهيو آهي. صدر چيو ته جي بي جي لاءِ زراعت جي ميدان ۾ به عمودي آبادگاري ۽ ڊرپ فارمنگ جا تمام گهڻا موقعا موجود آهن، جي بي نه رڳو پنهنجي خوراڪ جي ضرورتن کي پورو ڪري سگهي ٿو پر ان ۾ هالينڊ وانگر دنيا کي برآمد ڪرڻ جي صلاحيت آهي جيڪو پاڪستان کان 19 ڀيرا ننڍو ملڪ آهي پر دنيا ۾ خوراڪ پيدا ڪندڙ ٻيو وڏو ملڪ سڏرائي ٿو. هن چيو ته آئيڊياز جي بهتات آهي پر هاڻي وقت اچي ويو آهي ته انهن تي عملدرآمد ڪيو وڃي. هن چيو ته حقيقي ترقي ڪميونٽي جي حصيداري کانسواءِ ممڪن نه آهي ۽ جي بي جي ماڻهن کي علائقي ۾ ترقي جي فروغ لاءِ پوري طرح ۽ فعال طور تي مصروف عمل ٿيڻ گهرجي. ان موقعي تي گل??ت بلتستان جي وڏي وزير خالد خورشيد شاهه چيو ته ماضي ۾ جي بي کي وسيلن جي ورڇ جي حوالي سان نظرانداز ڪيو ويو ۽ جيڪي فنڊز ڏنا ويندا هئا اهي اڪثر پگهارن بابت خر??ن ۾ خر?? ٿيندا هئا. هن چيو ته سندس حڪومت گذريل ٻن سالن کان ترقي جي لاءِ وڌيڪ فنڊز مختص ڪري رهي آهي ۽ ان جو ڌيان ترقي طرف آهي، اسان جي ترجيحن ۾ خاص طور تي مختلف رستن جي ??ري??ي جي بي جي باقي ملڪ سان رستي جي رابطي کي بهتر بڻائڻ، تعليم جي شعبي جي اصلاح، خوراڪ جي کوٽ تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ زراعت جي شعبي کي فروغ ڏيڻ، صحت جي شعبي کي بهتر بڻائڻ ۽ مقامي حڪومتن جي نظام ۾ سڌارا شامل آهن. تقريب ۾ شعيب سلطان آغا خان جي بي بابت رورل سپورٽ پروگرام سان پنهنجي ڊگهي س??ر جو احوال ٻڌايو ۽ چيو ته هن رورل سپورٽ پروگرام جي لاءِ 40 سالن تائين ڪم ڪيو ۽ اها ماڻهن ۽ ڪميونٽي جي حمايت ئي هئي جنهن ان کي ڪامياب بڻايو. ان کان اڳ صدر شو جي مختلف اسٽالز جو پڻ دورو ڪيو.