اسلام آباد – 05 – جنوري (اي پي پي) پاڪستان ۽ چين عوامي مفاد جي لاءِ ٻطرفي تعاون کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ ويجها رابطا برقرار رکڻ تي اتفاق ڪيو آهي، وزيراعظم محمد شهباز شري?? چين سان ويجهي لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ ۽ چين جي بنيادي مفادن جي اڻٿڪ حمايت کي ورجايو آهي جڏهن ته ??ين?? وزيراعظم چيو آهي ته چين سدائين پاڪستان سان يڪجهتي سان گڏ بيٺل رهندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان ??وج?? وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ عوامي جمهوريه چين جي رياستي ڪائونسل جي وزيراعظم لي ڪي چيانگ ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه ۾ پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ هر موسم ۾ آزمايل اسٽريٽجڪ حصيداري جي بهترين روايتن کي نظر ۾ رکندي گرمجوشي ۽ دوستي جو اظهار ڪيو ويو. وزيراعظم محمد شهباز شريف ??ين?? وزيراعظم هڪ ٻئي کي نئين سال جي مبارڪباد ڏيندي چيو ته 2022ع ۾ ٻطرفا لاڳاپا نئين بلندين تي پهچي ويا هئا. ٻنهي اڳواڻن 2023ع ۾ ٻطرفي تعاون جي مستحڪم رفتار کي برقرار رکڻ تي اتفاق ڪيو. نومبر 2022ع ۾ پنهنجي چين جي دوري ۽ ??ين?? صدر شي جن پنگ ۽ وزيراعظم لي ڪي چيانگ سان وڏي پئماني تي ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه جو حوالو ڏيندي وزيراعظم چيو ته چين سان ويجهن لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان پرعزم آهي ۽ پاڪستان چين جي بنيادي مفادن تي اڻٿڪ حمايت کي ورجائي ٿو. ٻنهي اڳواڻن گڏيل دلچسپي جي علائقائي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم پاڪ چين اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) منصوبن کي وقت سر مڪمل ڪرڻ تي پاڪستان جي پڪي عزم کي ورجائيندي ??ين?? وزيراعظم کي يقين ڏياريو ته پاڪستان ??ين?? سيڙپڪارن جي لاءِ مڪمل طور تي محفوظ ۽ سازگار ڪاروباري ماحول فراهم ڪندو. وزيراعظم لي ڪي چيانگ و??يراعظم کي يقين ڏياريو ته چين پاڪستان کي نه رڳو هڪ تزويراتي دوست پر هڪ اهڙي ملڪ طور ڏسي ٿو جنهن جو استحڪام ۽ معاشي ڀلائي خطي ۽ چين جي لاءِ انتهائي اهميت رکندڙ آهي. ??ين?? وزيراعظم چيو ته چين سدائين پڪاستان سان يڪجهتي سان گڏ بيٺل رهندو. 9 جنوري تي جنيوا ۾ منعقد ٿين??ڙ عالمي ڪانفرنس جو ذڪر ڪندي وزيراعظم چين جي وزيراعظم کي پاڪستان ۾ ٻوڏ کانپوءِ جي نئين سر تعمير ۽ بحالي ۾ تازي اڳڀرائي بابت آگاهه ڪيو ۽ ٻوڏ متاثرين جي لاءِ چين جي فوري ۽ فراخدلاڻي مدد تي پاڪستان پاران دل سان ٿورا مڃيا. چين جي وزيراعظم لي ڪي چيانگ و??يراعظم شهباز شريف کي چين پاران پاڪستان جي نئين سر تعمير جي ڪوششن ۽ ڪانفرنس جي ڪاميابي جي لاءِ مسلسل حمايت جو يقين ڏياريو. ٻنهي اڳواڻن 2023ع ۽ ان کانپوءِ پاڪستان ۽ چين جي عوام جي گڏيل فائدي جي لاءِ ٻطرفي تعاون جي ايجنڊا کي تيزي سان اڳتي وڌائڻ جي لاءِ ويجها رابطا برقرار رکڻ تي اتفاق ڪيو.