اسلام آباد – 03 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته الله جي فضل ۽ ڪرم سان پاڪستان ۾ ڪوويڊ 19 جي صورتحال ضابطي ۾ آهي، 5 کان 12 سالن جي ٻارن جي 100 سي??ڙو ويڪسي ني??ن کي هنگامي بنيادن تي يقيني بنائڻ ۽ پاڪستان جي سرحدن ۽ هوائي اڏن تي اچ وڃ تي اسڪريننگ کي وڌيڪ موثر بڻايو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت ۾ ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي صورتحال تي جائزه اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. اجلاس کي خطي سميت پوري دنيا ۽ پاڪستان ۾ هن وقت ڪوويڊ 19 جي صورتحال، ڪور??نا وائرس جي نئين قسم، ان جي روڪٿام جي لاءِ کنيل قدمن ۽ ويڪسي ني??ن جي حوالي سان تفصيلي آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم چيو ته الله جي فضل ۽ ڪرم سان پاڪستان ۾ ڪوويڊ 19 جي صورتحال ضابطي ۾ آهي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته 5 کان 12 سالن جي ٻارن جي 100 سي??ڙو ويڪسي ني??ن کي هنگامي بنيادن تي يقيني ۽ پاڪستان جي سرحدن ۽ هوائي اڏن تي اچ وڃ تي اسڪريننگ کي وڌيڪ موثر بڻايو وڃي. سرحدن ۽ هوائي اڏن تي اسڪريننگ جي نظام جي ٿرڊ پارٽي ڇنڊڇاڻ ڪري رپورٽ پيش ڪئي وڃي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ گذريل 15 هفتن ۾ ڪوويڊ 19 سان هڪ به فوتگي نه ٿيڻ خوش آئنده ڳالهه آهي. مون سميت پوري قوم ويڪسين عطيو ڪندڙ ملڪن جي ٿورائتي آهي. ڪوويڊ 19 انفيڪشن جي گهٽ شرح خوش آئنده آهي پر اسان کي هر وقت تيار رهڻو پوندو. ڪوويڊ 19 جي ڦهلاءُ کي روڪڻ جي لاءِ قدم کڻندڙ سمورن عهديدارن ۽ اين سي او سي جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ڪوويڊ 19 جي نئين قسم سان پاڪستان کي ظاهري طور ڪو خطرو نه آهي ڇو ته پاڪستان جي 90 سي??ڙو آبادي مڪمل طور تي ۽ 95 سي??ڙو آبادي جزوي طور تي ويڪسينيٽيڊ آهي. 5 کان 12 سالن جي ٽن ڪروڙ 50 لک ٻارن ۾ ويڪسي ني??ن جي شرح 25 سيڪڙو آهي جڏهن ته ان کي ايندڙ مهينن ۾ 100 سي??ڙو ڪيو ويندو. پاڪستان ۾ انفيڪشن جي سراسري شرح 0.2 کان 05. سي??ڙو آهي ۽ گذريل 15 هفتن کان ڪوويڊ 19 سان ڪا فوتگي ناهي ٿي. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته ڪوويڊ 19 جي نئين قسم جي ڦهلاءُ کي روڪڻ جي لاءِ سرحدي رستن تي موثر انتظام ڪيا ويا آهن. ان سان گڏوگڏ هوائي اڏن تي رينڊم سيمپلنگ جي شرح وڌائي 2 سي??ڙو ڪئي وئي آهي ۽ متاثر ملڪن کان ايندڙ هوائي جهازن جي فيوميگيشن سان گڏوگڏ مسافرن جي اسڪريننگ به وڌيڪ موثر بڻائي وئي آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته حڪومت جي قدمن ۽ وزيراعظم جي خصوصي ڌيان جي ڪري پاڪستان دنيا جي انهن ڪجهه ملڪن مان هڪ آهي جنهن ۾ جينوم سرويلنس يقيني بڻائي وئي آهي جنهن جي ڪري تمام جلد وائرس جي نئين قسم جي نشاندهي ممڪن ٿئي ٿي. وزيراعظم ني??نل هيلٿ سروسز واري وزارت، اين سي او سي عملدارن ۽ سول ايوي ايشن عملدارن کي ڪوويڊ 19 جي روڪٿام جي قدمن کي پڻ ساراهيو.