اسلام آباد – 01 – ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر چيو آهي ته ڪوپ 27 تاريخي ڪانفرنس هئي جنهن ۾ ٽن ڏهاڪن کان تعطل جو شڪار لاس اينڊ ڊيميج فنڊ جو قيام عمل ۾ آهي، اهو فنڊ پاڪستان جهڙن اسرندڙ ملڪن جي لاءِ مددگار ثابت ٿيندو، فنڊ جي قيام سان عالمي اتر ۽ ڏکڻ جي وچ ۾ واپاري خساري تي ضابطو آڻڻ ۾ مدد ملندي. شرم الشيخ ۾ ٿيندڙ ڪوپ 27 ڪانفرنس جي حوالي سان منعقد ڪيل تقريب کي خطاب ڪندي پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر چيوته پاڪستان جي وزيرا??ظم ۽ پرڏيهي وزير ڪوپ 27 ۾ ڀرپور انداز ۾ شر??ت ڪئي ۽ اهم ڪردار ادا ڪيو. وزيرا??ظم ڪانفرنس ۾ پاڪستان ۾ ٻوڏ جي تباهي کي موثر انداز ۾ اجاگر ڪيو، وزيرا??ظم ۽ پرڏيهي وزير لاس اينڊ ڊيميج فنڊ جي قيام جي حوالي سان اهم ڪردار ادا ڪيو. جڏهن ته ان کان اڳ تقريب کي خطاب ڪندي موسمياتي تبديلي واري وزير شيري رحمان چيو ته ڪوپ 27 ۾ ڪامياب سفارتڪاري تي سمورين ڌرين جا ٿورا مڃون ٿا، وزيرا??ظم جي قيادت ۽ رهنمائي ۾ اهو سڀ ڪجهه مم??ن ٿي سگهيو آهي. هن چيو ته تازين برساتن ۽ ٻوڏ سا?? پاڪستان کي تمام گهڻو نقصان ٿيو آهي، موسمياتي تبديلي جي اثرن جو شڪار ملڪ ترقي يافته ملڪن کان تعاون چاهين ٿا. ان موقعي تي ان موقعي تي شر??ت ڪندڙن کي موسمياتي تبديلي واري وزارت پارا?? پاڪستان ۾ ٻوڏ سان ٿيندڙ ??باهين، امدادي سرگرمين، وزيراعظم، گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل ۽ وفاقي ڪابينا جي ٻوڏ متاثر علائقن جي دورن بابت ڊاڪيومينٽري پڻ ڏيکاري وئي.