اسلام آباد – 04 – نومبر (اي پي پي( اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ملڪ جي مختلف علائقن ۾ جلاءُ، گهيراءُ ۽ ٽوڙ ڦوڙ جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي ??ه باهه لڳائيندڙ ملڪ جا محسن نه ٿا ٿي سگهن، سرڪاري ملڪيتن تي حملو ڪندڙ ملڪ جا دوست نه ٿا ٿي سگهن، فارن فنڊيڊ فتني جي ذهنيت ملڪ کي ورڇ ڪري ڇڏيو آهي، فارن فنڊيڊ فتني جي انتشار، ??دت پسندي ۽ ورڇ تي ٻڌل سياست ملڪ کي ناقابل تلافي نقصان پهچائي رهي ??هي. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن سوال ڪيو ته اڃا تائين پنجاب حڪومت لانگ مارچ واقعي جي ايف آءِ آر ڇو ناهي ??اخل ڪئي؟ هن چيو ته فارن فنڊيڊ فتنو سرڪاري اسپتال مان رپورٽ نه لکرائي رهيو آهي ??يڪو قانون آهي. هو پنهنجي ميڊيڪو ليگل جي قانوني ضابطن کي پورو نه ڪري رهيو آهي. هن چيو ته فارن فنڊيڊ فتنو چونڊون نه گهرو ويڙهه چاهي ٿ?? جنهن جو مظاهرو هر ڏينهن چاهي ٿ??. هن چيو ته فارن فنڊيڊ فتنو پاڪستان جو نالو فيٽف مان نڪرڻ جي خلاف ??نگ ڪري رهيو آهي، فارن فنڊيڊ فتني جي ??نگ پاڪستان ۾ غيرملڪي سيڙپڪاري جي خلاف آهي. هن چيو ته الحمدالله ??لڪ ۾ امن امان آهي، عوام انتشار ۽ فساد جي سياست کي رد ڪري ڇڏيو آهي.