اسلام آباد – 13 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان شام لاءِ پاڪستان جي ن??مز?? سفي?? ا??ئر مارشل (ر) شاهد اختر ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ان موقعي تي پرڏيهي وزير ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته شام ۽ پاڪستان گهري تاريخي، ثقاف??ي ۽ مذهبي رشتي ۾ ڳنڍيل آهن، شام سان واپاري ۽ تعليمي ميدان ۾ گڏيل تعاون جا نوان رستا ڳوليا وڃن. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ان موقعي تي ن??مز?? سفير سان ڳالهه ٻولهه ڪندي هدايت ڪئي ته هو شام جي نئين سر تعمير ۾ پاڪستان جي ڪردار جي تسلسل کي ??اري رکڻ ۾ پنهنجي ڪوششن کي ??ستعمال ۾ آڻي. هن چيو ته شام ويندڙ پاڪستاني زائرين کي هر ممڪن سهولتون ڏيڻ جي لاءِ موثر ڪردار ادا ڪيو وڃي.