ثمرقند – 15 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزير??عظ?? محمد شهباز شريف ۽ روس جي صدر ولاديمير پيوٽن مُلاقات ۾ بين الحڪومتي ڪميشن (آءِ جي سي) جو ايندڙ اجلاس جلد اسلام آباد ۾ گهرائڻ تي اتفاق ڪندي وزير??عظ?? شهباز شريف غذائي تحفظ، واپار ۽ سيڙپڪاري، توانائي، دفاع ۽ سيڪيورٽي سميت گڏيل مفاد جي سمورن شعبن ۾ تعاون کي سگهه ڏيڻ جي لاءِ روس سان گڏ??ي ڪم ڪرڻ جي عزم کي ورجايو آهي. ٻنهي اڳواڻن جي مل??قات شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي مملڪتي سربراهن جي ڪائونسل جي اجلاس جي موقعي تي خوشگوار ماحول ۾ ٿي. ٻنهي اڳواڻن ٻطرفن لاڳاپن سان گڏوگڏ علائقائي ۽ عالمي معاملن تي ??يا??ن جي ڏي وٺ ڪئي. وزير??عظ?? روس پاران پاڪستان ۾ وڏي پئماني تي ٻوڏ کان متاثر ماڻهن جي لاءِ يڪجهتي جي اظهار ۽ حمايت تي صدر پيوٽن جا ٿورا مڃيا ۽ کيس موسمياتي تبديلي سان پيدا ٿيندڙ هن آفت جي تباهي آڻيندڙ اثرن جي تفصيلن کان آگاهه ڪيو. وزير??عظ?? پاڪستان روس لاڳاپن ۾ مسلسل بهتري ۽ استحڪام تي اطمينان جو اظهار ڪيو جيڪي مضبوط گڏيل اعتماد ۽ افهام تفهيم تي ٻڌل آهن. وزير??عظ?? پاڪستان جي روس سان گڏ??ي ڪم ڪرڻ جي عزم کي ورجايو ته جيئن غذائي تحفظ، واپار ۽ سيڙپڪاري، توانائي، دفاع ۽ سيڪيورٽي سميت گڏيل مفاد جي سمورن شعبن ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏئي سگهجي. مل??قات ۾ بين الحڪومتي ڪميشن (آءِ جي سي) جو ايندڙ اجلاس جلد اسلام آباد ۾ گهرائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. افغانستان ۾ روس جي تعميري ڪردار کي ساراهيندي وزير??عظ?? چيو ته پرامن ۽ مستحڪم افغانستان، پاڪستان ۽ روس ٻنهي جي مفاد ۾ آهي. وزير??عظ?? چيو ته افغانستان ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام جي لاءِ عالمي قدمن جي رفتار کي تيز ڪرڻ ضروري آهي. وزير??عظ?? افغانستان ۾ استحڪام جي لاءِ سمورين علائقائي ۽ عالمي ڪوششن جي حمايت جي لاءِ پاڪستان جي عزم کي ورجايو.