اسلام آباد – 13 – سيپٽمبر (اي پ?? پي) پاڪستان جي ٻوڏ متاثر ماڻهن جي لاءِ امدادي سامان ک??ي گڏيل عرب امارات مان وڌيڪ 4 اڏامون گذريل ڏينهن ڪراچي جي جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي پ??چي ويون. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب گڏيل قومن جي پ??اهگيرن واري اداري (يو ا??ن ايڇ سي آر) جي امدادي سامان سان ڀريل ٻه اڏامون ڪراچي ۾ لٿيون. سومر جي رات يو ا??ن ايڇ سي آر جون 6 اڏامون امدادي سامان کڻي پاڪستان پهچي چڪيون آهن. ٻيون ٻه اڏامون گڏيل عرب امارات مان امدادي سامان کڻي آيون آهن. هيستائين ٻوڏ سٽيلن جي لاءِ گڏيل عرب امارات مان 37 اڏامون پاڪستان آيون آهن. ترجمان ٻوڏ سٽيلن جي لاءِ انساني امداد جي گرمجوشي ۽ ٿورن سان آجيان ڪئي آهي.