اسلام آباد- 01 سيپٽمبر (اي پ?? پي) پاڪ فضائيه جي ايمرجنسي ريپانس ٽيمون وادي نلتر ويلي، ڪي پ?? ڪي، سنڌ، بلوچستان ۽ ڏکڻ پنجاب جي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ ري??ڪي?? ۽ بحالي جي آپريشنز ۾ سول انتظاميه جي مدد ڪري رهيون آهن. ايئر وائيس مارشل ظفر اسلم، ايئر آفيسر ڪمانڊنگ سينٽرل ايئر ڪمانڊ ضلعي راجن پور ضلعي ۾ واقعي پ?? اي ايف فلڊ رليف ڪيمپ جو معائنو ڪيو ۽ پي اي ايف ٽيمن طرفان فراهم ڪيل امدادي ڪوششن تي اطمينان جو اظهار ڪيو. پاڪ فضائيه جي ترجمان مطابق گذريل 24 ڪلاڪن دوران پاڪ فضائيه جي ٽيمن متاثر خاندانن ۾ 5570 پڪل کاڌن جا دٻا، 1260 پاڻيءَ جون بولتون ۽ 2314 راشن پيڪيٽ ورهايا، جن ۾ بنيادي کاڌي پ??تي واريون شيون شامل هيون. وڌيڪ خوراڪ ۽ـ رهائش جي فراهمي کان علاوه پاڪ فضائيه جي ميڊيڪل ٽيمن فيلڊ ميڊيڪل ڪيمپن ۾ 787 مريضن کي طبي امداد فراهم ڪئي. متاثرن جي بحاليءَ جو ڪم جاري آهي.