اسلام آباد – 14 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان ۾ جرمني جي سفير ايلفرڊ گراناس ڪالهه آچر ڏينهن پاڪستان جي 75 هين آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي مبارڪباد ڏيندي پنهنج?? وڊيو پيغام پاڪستاني عوام کي ”جشن آزادي جون کوڙ ساريون مبارڪون“ چي??. هن چي?? ته ??ڄ مون مختلف رستن جي ڪناري تي ڪيترائي خصوصي اسٽالز ڏٺا، مون رستي ڪناري بيهي پاڪستاني جهنڊو پنهنجي ??ها??شگاهه تي هڻڻ جي لاءِ خريد ڪيو. هن چي?? ته ??ئون توهان سڀني سان گڏ توهان جي 75 هين آزادي جي ڏهاڙي جون خوشيون ملهائڻ ۾ شريڪ آهيان. جرمن سفير وڌيڪ چي?? ته مون پاڪستان ۾ تازو ئي ذميواريون سنڀاليون آهن ۽ مون کي هتي اچي تمام گهڻي خوشي ٿي آهي. هن چي?? ته ??ئون پاڪستاني عوام سان ملاقات جو سدائين خواهشمند رهيو آهيان ۽ پاڪستان ۽ جرمني کي ويجهو دوست ۽ اتحادي بڻائڻ جي حوالي سان گڏيل مفادن جي فروغ لاءِ پرعزم آهيان.