اسلام آباد – 17 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف صنعت ۽ پيداوار واري وفاق?? وزير مخدوم مرتضيٰ محمود جي انڊونيشيا مان کاڄرو تيل جي برآمد ??اء?? خصوصي ڪوششن کي ساراهيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف سان صنعت ۽ پيدوار واري وفاق?? وزير مخدوم مرتضيٰ محمود ۽ سيڪريٽري امداد الله بوسال ملاقات ڪئي، وزيراعظم چيو ته وفاق?? وزير جو کاڄرو تيل جي درآمد ??اء?? ذاتي خرچن تي انڊونيشيا جو دورو واکاڻ جوڳو آهي، وقت سر درآمد سان ملڪ ۾ کاڄرو تيل جي بحران جي خطري جي روڪٿام ۽ کاڄرو تيل جي ڪارگو جي آمد سان تيل جي اگهن ۾ گهٽتائي ٿيندي، وزيراعظم چيو ته ان سلسلي ۾ صنعت ۽ پيداوار واري وفاق?? وزير ۽ سيڪريٽري جون ڪوششون واکاڻ جوڳيون آه??، واضح رهي ته وزيراعظم جي هدايت تي صنعت ۽ پيداوار واري وفاق?? وزير مخدوم مرتضيٰ محمود کاڄرو تيل جي درآمد ??اء?? ذاتي خرچ تي انڊونيشيا جو دورو ڪيو، دوري جو مقصد ملڪ ۾ کاڄرو تيل جي برآمد سان متوقع بحران جي روڪٿام ڪرڻ هو، صنعت وار?? وزير جي ڪوششن جي ڪري انڊونيشيا کان اڍائي لک ميٽرڪ ٽن 10 بحري جهاز کاڄرو تيل پاڪستان کي فراهم ڪيو پيو وڃي، کاڄرو تيل جي پهرين کيپ صنعت ۽ پيداوار وار?? وزير جي انڊونيشيا ۾ موجودگي دوران ئي پاڪستان رواني ڪئي وئي هئي.