اسلام آباد – 20 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي قومي احتساب (ترميمي) بل 2022ع بنا صحيح جي وزيراعظم آفيس واپس موڪلي ڇڏيو. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب صدر چيو ??هي ته سندس خيال ۾ پارليامينٽ مان منظور ٿيل اهو بل رجعت پسنداڻي نوعيت جو آهي جنهن سان قانون جي ڊگهي هٿن کي مفلوج ڪري بدعنواني کي فروغ حاصل ٿيندو، صدر چيو ??ه اهو بل بدعنوان عنصرن، جنهن جي باري ۾ پاڪستاني عوام ۾ اها راءِ ڏٺي وڃي ٿي ته انهن تمام گهڻي دولت گڏ ڪري رکي آهي، ??اء?? واضح پيغام آهي ته هو ڪنهن کي به جوابده نه آهن ۽ بنا خوف ۽ خطري سان پنهنجي ڦرلٽ جاري رکي سگهن ٿا، صدر افسوس جو اظهار ڪندي چيو ??ه ڪمزور ماڻهو معمولي ڏوهن ۾ ب?? پڪڙيو ويندو آهي جڏهن ته بااثر بدعنوان عنصر کي قوم جو رت چوسڻ جي مڪروه عمل ??اء?? به کلي آزادي ملي ويندي آهي، هن وڌيڪ ته احتساب جي عمل کي ڪمزور ??رڻ نه صرف آئين جي خلاف آهي پر پهرين کان مسئلن ۾ ورتل پاڪستاني عوام جي بنيادي حقن جي به خلاف ورزي آهي. هن چيو ??ه هو ان حقيقت کان چڱي ريت آگاهه آهي ته صدر پاڪستان جي بل تي صحيح نه ??رڻ جي باوجود اهو بل قانون جي حيثيت اختيار ڪري وٺندو، بل تي صحيح نه ??رڻ جا سبب بيان ڪندي صدر چيو ??ه سڄا دنيا جا ملڪ وائٽ ڪالر ڪرائم تي ضابطو آڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، صدر چيو ??ه سياسي عنصر جيڪي ڪارو ڌن، جيڪو ٽيڪس چوري، ڏوهن ۽ بدعنواني جي ٻين ذريعن مان حاصل ڪيو ويندو آهي، ڪو اهڙو نشان نٿا ڇڏين جنهن جو پتو لڳائي سگهجي، هن چيو ??ه ايف اي ٽي ايف به هڪ اهڙو ئي مثال آهي جيڪو مني لانڊرنگ جي روڪٿام ??اء?? ڏهاڪن کان ڪم ڪري رهيو ??هي، صدر جو چوڻ هو ته اسان کي اهڙن معاملن تي اسلامي فقه کان به هدايت وٺڻ گهرجي، هن خليفه ثاني حضرت عمر رضه جي هڪ واقعي جو حوالو ڏنو جڏهن هن کان پڇيو ويو ??ه هن پنهنجي چادر ??اء?? ڪپڙي جا ٻه ٽڪرا ڪيئن حاصل ڪيا جڏهن ته سڀني جي حصي ۾ هڪ ٽڪر آيو هو، جيتوڻيڪ عمر رضه وٽ اهو ڪپڙو موجود هو ته هن ان جي ماخذ جي وضاحت ڪئي، صدر چيو ??ه اهو واقعو احتساب جي ٻن بنيادي اصولن جو تعين ڪري ٿو، اول اهو ته استغاثه يا الزام لڳائيندڙ جي زميداري آهي ته هو ان ڳالهه کي ثابت ڪري ته ان معاملي ۾ ڪپڙي جو هڪ اضافي ٽڪرو ان شخص (حضرت عمر رضه) وٽ موجود آهي، ٻيو ??ه دولت حاصل ??رڻ جي ذريعن جي باري ۾ ثبوت فراهم ??رڻ جوابدار جي ذميداري آهي، صدر وڌيڪ وضاحت ڪندي چيو ??ه اهو انصاف جو بنيادي اصول آهي ته فرد جرم ثابت ٿيڻ تائين ملزم کي بي گناهه تصور ڪيو ويندو آهي، سواءِ ان جي ته ملزم کي آمدني جي ذريعن جي باري ۾ ثبوت پيش ڪرڻا هوندا آهن، مثال جي طور تي هن ڪپڙي جو اضافي ٽڪرو، يا جائيدا يا دولت ڪٿان کان ڪيئن حاصل ڪئي؟ هي ائين ئي آهي ته جڏهن جرم جو ڪو هٿيار، مثال جي طور تي ملزم جي قبضي مان بندوق ملي ٿي، ته ان کي اهو ٻڌائڻو هوندو آهي ته هن اها بندوق ڪيئن حاصل ڪئي، اهو ئي اصول نيب آرڊيننس ۾ ب?? موجود هو ته دولت جي ملڪيت ثابت ??رڻ استغاثه جي جڏهن ته دولت جا ذريعا ثابت ??رڻ ملزم جي ذميداري هئي، هن وڌيڪ ته نامعلوم ذريعن مان دولت حاصل ??رڻ پاڪستان ۾ هڪ ڏوهه هو پر ان ترميمن مان ان تصور کي ڪمزور ڪري ان کي ڪافي حد تائين غير موثر بڻايو ويو ??هي صدر چيو ??ه اعليٰ عدليه به ان عام تاثر جي عڪاسي ڪندي چيو ??هي ته بدقسمتي سان نيب آرڊيننس لاڳو ??رڻ ۾ خاميون موجود آهن، اهو قانون به ٻين قانونن وانگر انتظاميه کي اختيار ڏي ٿو ته ان جو استعمال طاقتور عنصر جي سياسي مفادن جي تحفظ ??اء?? ڪري سگهجي، ان سان گڏوگڏ ذاتي مفادن جي ڪري پاڪستان ۾ احتساب جو عمل ڪافي حد تائين غير موثر ٿيو ??هي، هڪ طرف عوام پاران لُٽيل دولت جي واپسي جي گهر ڪئي ويندي رهي ته ٻي طرف ڊگهي عدالتي ڪاررواين ۽ غير موثر استغاثه بدعنواني کي بي نقاب ڪرڻ، روڪڻ ۽ ختم ??رڻ تمام گهڻو مشڪل بڻايو ويو. صدر چيو ??ه اسان کي گذريل ڪجهه ڏهاڪن جي تجربن جي روشني ۾ انهن قانونن ۾ موجود واضح جهول ختم ڪرڻ، انصاف جي فراهمي موثر بڻائڻ ??اء?? ترميم آڻڻ گهربي هئي، هن چيو ??ه ان ڳالهه جي هرگز اميد نه هئي ته گذريل حڪومتن جي ڪوششن تي پاڻي ڦيريو ويندو ۽ احتساب جي عمل کي ناقابل يقين حد تائين ڪمزور بڻايو ويندو. صدر چيو ??ه اها هڪ افسوسناڪ ڳالهه آهي ته اداري جي بنيادي ڍانچي ۾ ب??تري آڻڻ بدران ڪنهن متبادل نظام جي احتساب جي عمل کي زمين بوس ڪرڻ، احتساب جي عمل کي غير موثر بڻائڻ ۽ استحصالي ادارن ۽ نظام کي فروغ ڏيڻ جي برابر آهي، اهڙي طرح جا ڪمزور قانون انصاف جي آڙ ۾ بدعنوان اشرافيه جي ڏوهن تي پردو وجهندا آهن، جيڪي قومون اهڙا قانون اختيار ڪنديون آهن، اهي نه رڳو عام ماڻهو جي استحصال جو سبب بڻجنديون آهن پر معاشري ۾ ناانصافي جي فروغ جو به باعث بڻجندا آهن، صدر ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪندي چيو ??ه هو ذاتي طور تي پاڪستان جي آئين جي تقليد ۽ پاسداري ڪندي ۽ ان ڳالهه تي زور ڏئي ٿو ته اسان کي قرآن ۽ سنت جي حڪمن تي عمل ??رڻ گهرجي، صدر وڌيڪ چيو ??ه آئون پاڻ کي الله تعاليٰ جي سامهون جوابده سمجهان ٿو ۽ ان کان معافي جو طلب گار آهيان، ان ??اء?? منهنجو ضمير مون کي ان بل تي صحيح ??رڻ جي اجازت نٿو ڏي.