اسلام آباد – 21 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف جي هدايت تي دادو ??لعي ۾ ڳوٺ فيض محمد درياني چانڊيو ۾ باهه لڳڻ جي واقعي ۾ فوت ٿين??ڙن جي پونئيرن ۽ زخمين جي امداد لاءِ وفاقي حڪومت هڪ ڪروڙ رپيا ج??ري ڪري ڇڏيا آهن جڏهن ته سانحي جي رپورٽ وزيراعظم کي پيش ڪئي وئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ج??ري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف ضلعي انتظاميا کي متاثرين جي بحالي تائين هر ممڪن امداد فراهم رکڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم چيو ته سانحي ۾ فوت ٿين??ڙن جي پونئيرن جي ڏک ۾ پوري قوم بر??بر جي شريڪ آهي. هن هدايت ڪئي ته زخمين جي علاج ۾ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي نه ڪئي وڃي. وزيراعظم شروعاتي رپورٽ کانپوءِ باهه لڳڻ جا سبب معلوم ڪرڻ جي مڪمل جاچ جو پڻ حڪم ڏنو آهي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته ضلعي انتظاميا اهڙن قدمن کي يقيني بڻائي ته مستقبل ۾ اهڙو ڪو واقعو س??نحي جي شڪل اختيار ڪري سگهي ۽ تفصيلي رپورٽ ۾ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي کي خبر پوڻ تي ذميوارن جي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي.