??سل??م آباد – 02 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ايف بي آر اوڳاڙين جي فيبروري جي هدف کي ڪاميابي سان ح??صل ڪيو آهي، ان دوران 441 ارب رپين جون ٽيڪس اوڳاڙيون وصول ڪيون ويون آهن. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته ايف بي آر جي مجموعي ٽيڪس اوڳاڙين ۾ 28.5 س??ڪڙو جڏهن ته ماهوار بنياد تي 30 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي. هن چيو ته ايف بي آر جي ڪارڪردگي جي نت??جي ۾ اسان پيٽرول، ڊيزل ۽ بجلي تي سبسڊي ڏيڻ جي قابل ٿياسين جنهن سان ماڻهن کي ريليف فراهم ڪيو ويو آهي.