اسلام آباد – 04 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف ع??وي سان ازبڪستا?? جي صدر شوڪت مرزايوف ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ٻطرفي دلچسپي جي وسيع معاملن ۽ اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيال?? جي ڏي وٺ ڪئي. صدر ٻطرفن لاڳاپن کي وڌائڻ جي رفتار تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ سياسي، واپاري، اقتصادي، دفاعي، سيڪيورٽي، رابطن، تعليم ۽ ??قا??تي مٽاسٽا سميت سمورن شعبن ۾ گهڻ رخي تعاون کي فروغ ڏيڻ ??ي خواهش کي ورجايو. هن ”ويزن سينٽرل ايشيا“ پاليسي جي فريم ورڪ جي اندر وچ ايشيا سان رابطا وڌائڻ جي لاءِ پاڪستا?? جي ڪوشش?? جي وضاحت ڪئي. صدر عارف ع??وي پاڪستا?? جي بندرگاه?? جي ذريعي ازبڪستان ۽ ٻين وچ ايشيائي ملڪن سان علائقائي انضمام ۽ رابطي جي امڪانن کي اجاگر ڪيو. هن چيو ته ٽرانس افغان ري??وي اهڙو ئي هڪ منصوبو هوندو جنهن سان زميني رابطو مضبوط ٿيندو. هن سياحت کي فروغ ڏيڻ ۽ عوامي رابط?? جي لاءِ هوائي رابطي جي اهميت تي پڻ زور ڏنو. ٻنهي صدرن نوجوان?? جي وچ ۾ تعاون وڌائڻ ۽ ٻنهي ملڪ?? جي وچ ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ رابطن کي فروغ ڏيڻ ??ي اتفاق ڪيو. صدر ان ڳالهه تي زور ڏنو ته افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام زميني رابطن جا فائدا حاصل ڪرڻ جي لاءِ لا??مي آهي. هن چيو ته پرامن افغانستان خطي ۽ ان کان ٻاهر جي اقتصادي ترقي ۽ خوشحالي ۾ ڪردار ادا ڪندو. صدر عارف ع??وي پاڪستان ۽ ازبڪستا?? جي وچ ۾ اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ جي ايندڙ قدمن تي گڏيل پڌرنامي ۽ ڪيترن ئي شعبن ۾ مفاهمت جي ياداشتن/ معاهدن کي ساراهيو. هن چيو ته ترجيحي واپاري معاهدي تي صحيحن سان ٻطرفي واپار کي وڌائڻ جون نيون راهون کلنديون. ٻنهي اڳواڻن تعليم، ??قا??ت، سلامتي ۽ دفاع ۾ تعاون تي اڳڀرائي ۽ هر سطح تي اقتصادي ترقي جا گڏيل هدف حاصل ڪرڻ جي عزم کي ورجايو. ٻنهي صدرن گڏيل دلچسپي جي اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پڻ خيال?? جي ڏي وٺ ڪئي. ان موقعي تي ازبڪ صدر کي ڀارتي غيرقانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي صورتحال کان پڻ آگاهه ڪيو.