لاهور – 12 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات و??ري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان ڪرپشن جي خاتمي لاءِ جنگ وڙهي رهيو آهي، پورو معاشرو ان جنگ ۾ وزيراعظم جو ساٿ ڏي، مخالف ڌر حڪومت جي خلاف عدم اعتماد آڻڻ کان اڳ پنهنجا ماڻهو ته پورا ڪري وٺي، هڪ ٻئي جي خلاف ڳالهيون ڪندڙ پنهنجي مفاد جي لاءِ ٻيهر گڏ ٿي رهيا آهن، قانون جو مذاق اڏائيندڙن جي خلاف جڏهن ڪا ڪارروائي شروع ٿئي ٿي ته اهي التوا جي پٺيان ??ڪي وڃن ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن گورنر هائوس لاهور ۾ سڄي ملڪ مان آيل پي ايف يو جي جي ميمبرن کي خطاب ۽ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. ان ??وقعي تي لاهور پريس ڪلب جي صدر اعظم چوڌري ۽ ٻين صحافين جو انگ پڻ موجود هو. اطلاعات ۽ نشريات و??ري مملڪتي وزير فرخ حبيب تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻن پنهنجي دور ۾ ڪرپشن ڪئي، رمضان شگر مل?? جي 10 کان 15 هزار رپيا ماهوار پگهار کڻندڙ مل??زمن جي اڪائونٽس ۾ اربين رپيا ڪٿان اچي وڃن ٿا، جڏهن سوال پڇيو وڃي ته اهي التوا جي پٺيان ??ڪي وڃن ٿا، ڪڏهن قطري خط اچي وڃي ٿو، ڪڏهن جسٽس (ر) قيوم جهڙا جج ڳولڻ شروع ڪري ڇڏين ٿا. هن چيو ته جڏهن سڄو خاندان چوري ڪري ٻاهر هليو وڃي ته انهن کي جواب ته ڏيڻو پوندو. شهباز زرد??ري ملاقات جي حوالي سان ??ملڪتي وزير چيو ته زرد??ري شهباز شريف مل??قات رڳو پنهنجي مفادن جي لاءِ آهي، شهباز شريف ماضي ۾ زرد??ري کي رستن تي گهيلڻ جي ڳالهه ڪندو هو هاڻي اهي قانون جو مذاق اڏائڻ جي لاءِ ٻيهر گڏ ٿي ويا آهن. چوڌري ڀائرن سان اپوزيشن جي مل??قاتن جي حوالي سان ??رخ حبيب چيو ته اهي اتان روٽي شوٽي کائين، مل??قات ڪرڻ ۾ اهي آزاد آهن جڏهن ته حڪومت کي پنهنجي اتحادين کان ڪو خطرو نه آهي. ميڊيا جي آزادي جي حوالي سان ??ن چيو ته حڪومت صحافت جي آزادي تي يقين رکي ٿي، حڪومت صحافين جي سمورين تنظيمن سان گڏجي جرنلسٽ ميڊيا پروٽيڪشن بل اسيمبلي مان ??اس ڪرائي ورتو آهي، قانون ٺهڻ تي منسٽري آف هيومن رائٽس ان تي ڪم ڪري رهي آهي ان تي ڪميشن پڻ ٺاهيو ويندو جنهن ۾ صحافين جي نمائندن کي شامل ڪنداسين ته جيئن صحافين کي پنهنجون ذميواريون سازگار ماحول ۾ انجام ڏيڻ جو موقعو فراهم ڪري سگهجي. هن چيو ته پرنٽ ميڊيا جي صحافين وٽ پنهنجي شڪايتن جي ازالي لاءِ آءِ ٽي اين اي جو پليٽ فارم موجود آهي، ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته اليڪٽرانڪ ۽ ڊيجيٽل ميڊيا جي صحافين کي به آءِ ٽي اين اي تائين پهچ ڏيون. هن چيو ته آءِ ٽي اين اي 10 هزار کان ??ڌيڪ ڪيسز مان 7 هزار جو فيصلو ڪيو آهي، آءِ ٽي اين اي جو سيٽ اپ اسلام آباد کانسواءِ سڄي ملڪ جي ٻين وڏن شهرن ۾ به قائم ڪنداسين. هڪ سوال جي جواب ۾ مملڪتي وزير چيو ته آءِ ٽي اين اي جي چيئرمين جي مقرري هڪ هفتي جي اندر ڪئي ويندي. هن چيو ته صحافين کي مس انفارميشن ۽ ڊس انفارميشن ۾ فرق محسوس ڪرڻ گهرجي، ڊس انفارميشن ڄاڻي واڻي ڪئي وڃي ٿي، ذاتي ڪردارڪشيءَ ڪندڙن جي حوصلا شڪني ڪرڻ گهرجي، صحافي پنهنجي صفن ۾ لڪل انهن ڪارين رڍن جو گهيراءُ ڪن جيڪي ڊس انفارميشن ڪري رهيا آهن. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان ??انون جي بالادستي جي لاءِ جنگ وڙهي رهيو آهي، ڪرپشن جي ناسور جي خلاف پوري قوم وزيراعظم جي ڪوششن جو ساٿ ڏي. هن صحافين کي مخاطب ڪندي چيو ته اهي حڪومت ۽ ان جي ڪارڪردگي تي مثبت تنقيد ڪن اسان کليل دل سان ان کي تسليم ڪنداسين. هن چيو ته صحت ڪارڊ عوام جي لاءِ ڪن??ن نعمت کان گهٽ نه آهي، اهي 10 لک رپين تائين پنهنجو علاج ڪنهن به سرڪ??ري ۽ پرائيويٽ اسپتال مان ڪرائي سگهن ٿا. هن پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرد??ري ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي چيو ته اهي سنڌ جي عوام کي به صحت ڪارڊ جي سهولت فراهم ڪن. مملڪتي وزير چيو ته صحافين کي صحت ڪارڊ ڏيڻ کانسواءِ ڪامياب جوان ??روگرام ۾ پڻ شامل ڪنداسين، پاڪستان ڪامياب پروگرام پڻ اچي رهيو آهي، ان ۾ به صحافين کي آسان شرطن تي قرض ڏنا ويندا. تقريب ۾ بلوچستان ??ان آيل صحافين مملڪتي وزير کي بلوچي ثقافت جي اجرڪ ۽ ٽوپي پارائي.