لاهور – 24 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ملڪ صرف وسيلن سان نه ذهني سوچ سان بدلجندو آهي، ??اڪستان بدلجي رهيو آهي، اسان کي ان جي ترقي ۾ پنهنجو هر ممڪن ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، سول سرونٽس ادارن جي مضبوطي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن، بهترين اخلاق سان عوامي خدمت کي پنهنجو نصب العين بڻائين، پاليسي سازي دوران ديانتداري جي عنصر کي مضبوطي سان سنڀالي رکو ته پاڪستان کي ترقي کان ڪير به روڪي نٿو سگهي، بيورو ڪريسي ملڪ مان ڪرپشن جي خاتمي ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. هو نيشنل اسڪول آف پبلڪ پاليسي ۾ 114 هين نيشنل مينيجمينٽ ڪورس ۾ شرڪت ڪندڙن ۾ سرٽيفڪيٽ ورهائڻ جي تقريب کي خطاب ڪري رهيو. ان موقعي تي ريڪٽر ڊائريڪٽر اعجاز منير ۽ ٻيا آفيسر به موجود هئا. صدر چيو ته ??هترين علم اهو هوندو آهي جيڪو اهو سيکاري ته هاڻي به گهڻو ڪجهه ۽ سکڻ باقي آهي ۽ اسان کي ان شيءَ تي به ڌيان ڏيڻ ??ي ضرورت آهي ته ??لم ۽ رويو ڇا سيکاري ٿو ۽ ڇا نٿو سيکاري، علم سيکاريو ويندو آهي جڏهن ته ??ويو انسان ماحول ۽ ننڍپڻ کان ئي سکندو آهي، ??شاهدي ۾ اها ڳالهه آئي آهي ته ??نسانن جو رويو مختلف موقعن تي مختلف ماڻهن سان ڌار ڌار هوندو آهي، ??ن چيو ته ??سان جو رويو سدائين پاڻ کان مٿي واري سان درست ۽ هيٺئين سان ڪجهه ٻيو هوندو آهي جنهن جو اسان کي احساس ڪرڻ گهرجي، ان حوالي سان اسان کي مذهب ۽ نبي ﷺ جي اسوه حسنه تي عمل ڪرڻ گهرجي جڏهن ته ??سلامي تاريخ روايتن سان ڀري پئي آهي جنهن مان اسان کي سبق ملي ٿو ته ??نسان جو انسان سان رويو ڪهڙو هجڻ گهرجي. صدر چيو ته ??ن ملڪن پنهنجا ادارا مضبوط ڪيا اهي ڪامياب ٿي ويا ۽ انهن ترقي ڪئي، ??ن چيو ته فيصلا سازي ۾ بيورو ڪريسي جو هٿ هوندو آهي جيڪڏهن ڪنهن فيصلا سازي ۾ اسٽيڪ هولڊرز کي شامل ڪيو وڃي ته ??ن فيصلي جي رد ٿيڻ ??ا امڪان ناهن رهندا. هن چيو ته ??يورو ڪريسي کي گهرجي ته ??وامي مسئلن جي نشاندهي ڪري ان جي حل جي ڪوسش ڪري ۽ ماضي جي ناڪامين کي به نظر ۾ رکيو وڃي، صدر عارف علوي چيو ته ??ول سرونٽس عوامي خدمت دوران اخلاقيات ۽ همدردي جو دامن نه ڇڏين، هن چيو ته ??يورو ڪريسي ملڪ مان ڪرپشن جي خاتمي ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي جيڪا ملڪ کي اڏوهي وانگر کائي رهي آهي، ??ن چيو ته موجوده حڪومت ملڪ مان ڪرپشن جي خاتمي لاءِ قدم کڻي رهي آهي پر اڏهي کي ختم ڪرڻ آسان ڪم نه آهي، ??ن چيو ته ??يڪي شيون اسان 2018ع ۾ شروع ڪيون انهن کي گهڻو اڳ شروع ٿيڻ گهربو هو، هن ڪورس ۾ شرڪت ڪندڙن کي مخاطب ٿيندي چيو ته ??نهن سان عوام کي، ??لڪ ۽ قوم جي مستقبل کي ان حوالي سان ڪيتريون ئي اميدون لاڳاپيل آهن، توهان پاليسي سازي دوران انڪساري سان بهترين روين کي نظر ۾ رکندي فيصلو ڪرڻو آهي ۽ تقاضا به اها آهي ته ??ول سرونٽس ديانتداري سان پنهنجي اصولن کي نظر ۾ رکندي اهڙيون پاليسيون جوڙي جنهن سان ان تي عوام جي اعتماد ۾ اضافو ٿئي، ??ن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ??يورو ڪريسي ۾ وڌ کان وڌڪ عورتون به شامل ٿين ته ??يئن اهي به عوامي خدمت ۾ پنهنجو حصو وجهي سگهن ۽ هڪ توازن قائم ٿئي، ڊاڪٽر عارف علوي سول سرونٽس کي مخاطب ٿيندي چيو ته ??وهان اڀرندڙ اڳواڻ آهي، توهان ادارن جي مضبوطي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪريو ۽ بهترين اخلاق سان عوامي خدمت کي پنهنجو نصب العين بڻايو ۽ پاليسي سازي دوران ديانتداري جي عنصر کي مضبوطي سان جهلي رکو ته پاڪستان کي ترقي کان ڪير به روڪي نٿو سگهي، ان کان اڳ نيشنل اسڪول آف پبلڪ پاليسي جي ريڪٽر ڊاڪٽر اعجاز منير آجياڻي وارو خطبو پيش ڪيو، صدر عارف علوي ڪورس جي 62 شرڪت ڪندڙن ۾ سرٽيفڪيٽس ورهايا ۽ کين ڪورس جي ڪاميابي سان مڪمل ٿيڻ ??ي مبارڪباد پيش ڪئي.