اسلام آب??د ?? 02 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري ??فا??ي وزير چوڌري فواد حسين ناليواري اداڪار عمر شريف جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته سڄي زندگي ماڻهن جي چهرن تي مسڪراهٽ جو تحفو سجائيندڙ عمر شريف لاڏاڻو ڪري ويو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته قوم پنهنجي فنڪار کي بهترين خراج تحسين پيش ڪيو ۽ ثابت ڪيو ته اسان فن ۽ فنڪارن سان محبت ڪندڙ قوم آهيون. هن چيو ته عمر شريف جو نالو پاڪستان جي فنون لطيفه ج?? انسڪائيڪلوپيڊيا ۾ سدائين سنهري لف??ن سان لکيو ويندو.