اسلام آباد – 25 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خ??ن سان بلوچست??ن سان تعلق رکندڙ قومي اسيمبلي جي ميمبرن هتي ملاقات ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب سياسي معاملن وارو ??اص مددگار ملڪ عامر ڊوگر، قومي اسيمبلي ميمبر محمد اسرار ترين، خالد ح??ين مگسي، احسان الله ريڪي ۽ روبينه عرفان موجود هيون، ان موقعي تي بجيٽ معاملن، وزيراعظم جي بلوچستان جي ترقي تي خصوصي ڌيان جي ويزن تحت و??ن منصوبن، ايگريڪلچر ڊولپمنيٽ پلان ۾ بلوچستان جي زراعت جي شعبي جي ترقي، تعليم ۽ صحت جي منصوبن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.