اسلام آباد – 27 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان گ??يل قومن جي جنرل اسيمب??ي جي صدر ولڪن بوزڪر ملاقات ڪئي ۽ علائقائي ۽ عالمي امن، سلامتي ۽ گ??يل قومن جي ايجنڊا تي موجود فلسطين ۽ ڄمون ۽ ڪشمير جهڙن اهم تڪرارن، افعان امن عمل، ڏوهن، بدعنواني ۽ رشوت جي آمدني ??ي غير قانوني منتقلي، پائيدار ترقي ۽ ڪووڊ – 19 وبا جي ڏس ۾ اقتصادي بحا??ي جي ڪوششن بابت مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم ميڊيا آفيس مان جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان فلسطين مسئلي تي گ??يل قومن جي جنرل اسيمب??ي جي خصوصي اجلاس گهرائڻ جي جنرل اسيمب??ي جي صدر جي ڪردار کي ساراهيو ۽ چيو ته جنگ بندي جي اع??ان کانپوءِ امن عمل جي بحالي ۽ گ??يل قومن جي لاڳاپيل قراردادن ۽ رياستي ويزن موجب فلسطين مسئ??ي جي منصفاڻي ۽ ڊگهي حل لاءِ قدم کڻڻ گهرجن، وزيراعظم ماحولياتي تبديلي ۽ ماحولياتي مسئلن جي حل لاءِ گ??يل قومن تحت عالمي تعاون وڌائڻ ۽ اسرندڙ ملڪن جي مدد لاءِ قرض ۾ رليف، اقتصادي بحا??ي جي ڪوششن ۽ 2030ع تائين پائيدار ترقي جا هدف حاصل ڪرڻ جي ضرورت کي اجاگر ڪيو. ولڪن بوز وزيراعظم کي اهم عالمي سياسي، سماجي ۽ اقتصادي مسئلن جي حل لاءِ جنرل اسيمب??ي جي پنهنجي صدارت جي مدي دوران ڪيل مختلف قدمن جي باري ۾ آگاهه ڪيو.