اسلام آباد – 12 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي ??زير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ڪجهه اڳوڻن بابوئن جي وزيراعظم کي لکيل خط تي حيران آهيان، تحريڪ انصاف ٻاهرئين ملڪ پاڪستانين خاص طور تي پورهيتن سان گڏ هر حال ۾ بيٺل هوندي. وفاقي ??زير چوڌري فواد حسين پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته رويا بدلائڻ جي ضرورت آهي، عام ماڻهن سان اسان جي بيوروڪر??سي جو سلوڪ قطعي طور تي فخر جوڳو نه آهي، اها عام شڪايت آهي ۽ سفارتخانا به ان کان آزاد نه آهن. ڪنهن به شعبي وانگر سفارتخانن ۾ تمام سٺا آ??يسرز آهن پر اڳوڻن دورن ۾ پاڪستانين سان جيڪو سلوڪ رکيو ويند?? هو ان تي داستان لکي سگهجن ٿا.