اسلام آباد – 02 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ڪو??ونا وائرس جي امتحان مان نڪرڻ جي لاءِ اسان کي هڪ منظم قوم هجڻ جو ثبوت ڏيڻو پوندو، عالم سڳورا ماڻهن کي ما??ڪ پائڻ ۽ سماجي فاصلو اختيار ڪرڻ سميت ڪو??ونا وائرس کان بچاءُ جي لاءِ سمورن حفاظتي تدبيرن تي عملدرآمد جي تلقين ڪن. هن اهڙن خيالن جو اظهار علامه ساجد نقوي ۽ مولانا حنيف جالنڌري سان ٽيليفون تي ڳالهائيندي ڪيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي علامه ساجد نقوي سان ڳالهائيندي چيو ته رمضان المبارڪ ۽ مجلسن ۾ ڪو??ونا خاتمي جون تدبيرون اختيار ڪرڻ جي تاڪيد ڪئي وڃي، مجلسن ۾ شرڪت ڪندڙ ما??ڪ پائين ۽ محفوظ فاصلو اختيار ڪن، بزرگ ماڻهو عبادتون گهرن ۾ سرانجام ڏين. علامه ساجد نقوي صدر کي ڪو??ونا کان بچاءُ جي لاءِ ايس او پيز جي پابند?? جي خاطري ڪرائي.