اسلام آباد – 02 اپريل (اي پي پي) گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب پن??اب کانپوءِ خيبرپختونخوا ۾ سڀ کان وڌيڪ فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون. س??ي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب 83 فوتگيون ٿيون جنهن مان 26 فوتگيون وينٽيليٽرز تي موجود مريضن جون ٿيون. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران س??ي ملڪ ۾ 5 هزار 234 ماڻهن جا ڪورونا ٽيسٽ مثبت آيا. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن ??ي تناسب جي لحاظ کان ملتان ۾ 70 سيڪڙو، لاهور ۾ 67 سيڪڙو، گجرانوالا ۾ 60 سيڪڙو ۽ اسلام آباد ۾ 50 سيڪڙو مريض آهن. اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪورونا جي مثبت ڪيسن ??ي تناسب جي لحاظ کان پشاور ۾ 87 سيڪڙو، سوات ۾ 100 سيڪڙو، گجرات ۾ 73 سيڪڙو ۽ گجرانوالا ۾ 85 سيڪڙو مريض آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ – 19 جا 50 هزار 170 ٽيسٽ ڪي?? ويا جن مان سنڌ ۾ 8 هزار 913 پن??اب ۾ 23 هزار 39، خيبرپختونخواهه ۾ 8 هزار 574، اسلام آباد ۾ 7 هزار 872، بلوچستان ۾ 590، گلگت بلتستان ۾ 272، آزاد ڪشمير ۾ 910 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين س??ي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 6 لک 7 هزار 205 ٿي چڪو آهي. گگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪوويڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيليٽر تي نه آهي. جڏهن ته س??ي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي لاءِ مخصوص ڪيل وينٽيليٽرز تي ڪوويڊ 19 جا 421 مريض آهن. س??ي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي ايڪٽو ڪيسز جو انگ 56 هزار 347 آهي. س??ي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس کان متاثر ماڻهن جو انگ 6 لک 78 هزار 165 آهي جن مان آزاد ڪشمير ۾ 12 هزار 984، بلوچستان ۾ 19 هزار 610، گلگت بلتستان ۾ 5 هزار 45، اسلام آباد ۾ 59 هزار 401، خيبرپختونخواهه ۾ 89 هزار 255، پن??اب ۾ 2 لک 25 هزار 953 ۽ سنڌ ۾ 2 لک 65 هزار 917 مريض آهن.