د??شن??ي_30 مارچ (اي پي پي)پرڏيهي وزير مخدوم شاه محمود قريشي چيو آهي ته ج??مع ڳالهين کانسواءِ افغانستان مسئلي جو ڪو مستقل حل نه آهي،گذريل ڏينهن د??شن??ي ۾ نائين هارٽ آف ايشيا استنبول پراسس اجلا س جي حوالي سان ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته امن جي حوالي سان پاڪستان جي ڪوششن کان سڄي دنيا آگاه آهي،اسان مستقبل تي نظر رکي رهيا آهيون. هن چيو ته اسان سڀ ان ڳالهه تي متفق آهيون ته ج??مع ڳالهين کانسواءِ افغانستان مسئلي جو حل نه آهي،هن چيو ته پاڪستان هميشه کان اهو چوندو رهيو آهي ته افغانستان مسئلي جو فوجي حل نه آهي ۽ هاڻي اها ڳالهه سڀني کي ذهن نش??ن ٿي چڪي آهي جيڪا اسان جي وڏي ڪاميابي آهي،پرڏيهي وزير چيو ته مان اهو ڪڏهن به نه چوندس ته ائين ڪرڻ آسان هوندو پر اسان سڀني کي اڳيان وڌڻوپوندو.شاه محمود قريشي چيو ته گذريل ڏينهن منهنجي ترڪ پرڏيهي وزير سان ملاقات سٺي رهي. استنبول ڪانفرنس جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ٿي جڏهن ته اڄ منهنجي افغان صدر ۽ افغان پرڏيهي وزير سان ملاقات طئي آهي. اي پي پي/ ع – ا 12:50