اسلام آباد – 28 R11; جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ خيبرپختونخواهه صوبي ۽ پنجاب صوبي جي يونيورسٽين جي انتظامي معاملن، تدريسي عمل ??ي معيار، مالي معاملن ۾ شفافيت، ميرٽ تي عملدرآمد جي معاملن تي اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ تعليم واري وفاقي وزير شفقت محمود، پنجاب جي گورنر چوڌري سرور، خيبرپختونخواهه جي گورنر شاهه فرمان، پنجاب جي ت??ليم واري صوبائي وزير راجا ياسر همايون ۽ خيبرپختونخواهه جي ت??ليم واري وزير ڪامران بنگش شرڪت ڪئي جڏهن ته ڊاڪٽر عطاءُ الرحمان پڻ اجلاس ۾ وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي.