اسلام آباد – 27 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته پي ڊي ايم جي سمورن هدفن وانگر وزيراعظم جي خلاف عدم اعتماد واري رٿ به بر?? طرح ناڪام ٿيندي، پي ڊي ايم ۾ شامل پارٽ??ون پنهنجي پنهنجي مفادن جي جنگ وڙهي ره??ون آهن، سينيٽ اليڪشن جي لاءِ ڪجهه هفتا رهجي ويا آهن، اعليٰ عدليه کان رهنمائي ورتي آهي، جيڪڏهن ضرورت پئي ته آئيني ترميم به ڪري سگهون ٿا، مخالف ڌر پاران ٻن س??لن ۾ وڌيڪ قرض وٺڻ جي پروپئگنڊه بي بنياد آهي، ٻن س??لن ۾ ورتل ٻاهرئين قرضن مان 6 کرب ماضي جي قرض ۽ وياج جي مد ۾ ادا ڪيا ويا آهن، پارلياماني پارٽي ۾ سمورن معاملن تي خي??لن جي ڏي وٺ ڪئي وئي آهي. هو پي ٽي آءِ جي پارلياماني پارٽي جي اجلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ ڏئي رهيو هو.