اسلام آباد – 14 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سرڪاري آفيسرن پاران عوامي شڪايتن کي وقت سر حل نه ڪرڻ تي س??ت نوٽيس ورتو آهي ۽ غيرسنجيده ۽ موثر ڪارڪردگي نه ڏيکاريندڙ سرڪاري آفيسرن جي ??لاف ڪارروائي ڪ??ي وئي آهي. وزيراعظم آفيس پاران جاري بيان موجب پنجاب جي چيف سيڪريٽري جي ماتحت 1586 آفيسرن جي ڊيش بورڊ جي ڇنڊڇاڻ مڪمل ڪري ورتي آهي ۽ وزيراعظم پرفارمنس ڊيليوري يونٽ جي ??پورٽ وزيراعظم کي پيش ڪئي وئي آهي. رپورٽ موجب 263 آفيسرن کي ڪ??رڪردگي جي ??نياد تي وارننگ، 7 سرڪاري آفيسرن کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن. وزيراعظم آفيس پاران 833 آفيسرن کي محتاط رهڻ جي هد??يت ڪئي وئي آهي جڏهن ته 111 آفيسرن کان وضاحت طلب ڪئي وئي آهي. وزيراعظم آفيس 403 سرڪاري آفيسرن جي ڪ??رڪردگي کي س??راهيو. رپوٽ موجب اطلاعات، زراعت، ايڪسائيز ۽ آبپاشي سيڪريٽري کي ڪ??رڪردگي بهتر ڪرڻ جو خط جاري ڪيو ويو آهي. واضح رهي ته وزيراعظم ڪابينا اجلاس دوران سرڪاري آفيسرن جي ناقص ڪارڪرد??ي جو نوٽيس ورتو هو.