اسلام آباد – 11 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آه?? ته انتظاميه ضروري شين جي مقرر ڪيل ريٽ لسٽ تي عملدرآمد يقيني بڻائي، آفيسر غريبن جي تڪليفن جو احساس ڪن. وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ اعليٰ سطحي اجلاس منعقد ٿيو جنهن ۾ وفاقي ۽ صوبائي وزيرن، لاڳاپيل وفاقي ۽ صوبائي سيڪريٽرين به شرڪت ڪئي، وڊيو لنڪ جي ذريعي اجلاس جي دوران صوبن جا چيف سيڪريٽري به موجود هئا. وزيراعظم کي پنجاب جي فوڊ واري سينئر صوبائي وزير پاران ٻڌايو ويو ته سندس هدايت موجب پنجاب حڪومت فلور ملز کي 7 جولاءِ 2020ع کان ڪڻڪ فراهم ڪري رهي آه??، وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته هيستائين 36 لک ٽن ڪڻڪ 50 ارب روپيا سبسڊي سان جاري ڪ??ي وئي آه??، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پنجاب ۾ ڪڻڪ تي 510 روپيا في مڻ جي حساب سان اضافي بار حڪومت برداشت ڪري رهي آه?? ۽ اهو اضافي بار صارفين تي نه پيو وڌو وڃي، وزيراعظم ناڻي واري وزير کي هدايت ڪئي ته موجوده خريداري جي نظام جو جائزو وٺي ۽ فوڊ کاتي جي ذريعي ٿيندڙ اضافي خرچن کي گهٽ ڪرڻ جي مقصد جي لاءِ موثر ڪاروباري ماڊل تجويز ڪري، پنجاب ۽ خيبرپختونخوا جي چيف سيڪريٽرين وزيراعظم کي ميوون ۽ ڀاڄين جي منڊين جي قيام لاءِ صوبن جي موجوده ريگوليٽري ميڪينزم جي باري ۾ آگاهه ڪيو، خيبرپختونخوا جي چيف سيڪريٽري ٻڌايو ته وزيراعظم جي هدايت کانپوءِ صوبي ۾ 65 آبادگار مارڪيٽون قائم ڪيون ويون آه??، سڄي صوبي ۾ تعلقي جي سطح تي 13 مارڪيٽون قائم ڪيون ويون آه?? جنهن جا لائسنس نيلام ٿيا، ان کانسواءِ ٻين جاين تي 23 مارڪيٽون قائم ڪيون ويون، وزيراعظم کي پنجاب زرعي مارڪيٽنگ ريگوليٽري اٿارٽي اي??ٽ 2018ع جي موجوده شق ۽ ان کانپوءِ ٿيندڙ ترميمن جي باري ۾ ٻڌايو ويو.