اسلام آباد – 10 جولاءِ (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪورونا وائرس با??ت تازه ترين انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن، سڄي ملڪ ۾ هڪ لک 49 هزار 92 مريض ڪورونا وائرس کي شڪست ڏئي مڪمل صحتياب ٿي چڪا آهن، آزاد ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ بلوچستان ۾ ڪو به مريض وينٽيليٽر تي نه آهي، 1568 وينٽيليٽرز ڪوو?? 19 ??ي مريضن جي لاءِ مختص، 420 وينٽيليٽرز استعمال ۾ آهن، اين سي او سي موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران 2451 نو??ن مثبت ڪيس رپورٽ ٿيا آهن جڏهن ته وڌيڪ 75 ماڻهو ڪورونا کان وڙهندي جان جي بازي هارائي ويا، گذريل 24 ڪلاڪن دوران 23 هزار 255 ڪورونا ٽيسٽ ڪيا ويا جنهن ۾ سنڌ جا 9 هز??ر 860، پنجاب جا 8 هزار 55، ڪي پي ڪي جا 2 هزار 366، اسلام آباد جا 2 هزار 70، بلوچستان جا 2، آزاد ڪشمير جا 415 ٽيسٽ شامل آهن.