اسلام آباد – پهرين جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ٻاهرئين ملڪ ڦاٿل پاڪستانين کي واپس آڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي، گلگت ب??تس??ان ۽ خيبرپختونخواهه حڪومتون ايس او پيز سان سياحت جو شعبو کولينديون، اسان يورپ ۽ چين جهڙي لاڪ ڊائون کي برداشت نه ٿا ڪري سگهون، مون جهڙي طرح جو لاڪ ڊائون چاهيو پئي اهڙو نه ٿيو، اسان جي ملڪ ۾ 25 سيڪڙو ماڻه?? غربت جي لڪير کان هيٺ آهن، ڪورونا وائرس جي صورتحال جا اثر اسان جي معيشت تي پيا آهن، ٽيڪس وصولي ۾ 30 سيڪڙو گهٽتائي ٿي آهي، روانگي واپار ۽ مٽاسٽا جو ناڻو به گهٽ ٿيو آهي، سيڙپڪاري به رڪجي وئي آهي، ايندڙ ڏينهن ۾ ڪورونا کي وڌيڪ وڌڻو آهي ۽ موت جي شرح ۾ به اضافو ٿيندو، ڪورونا وائرس جي اثرن کان بچڻ جي لاءِ ايس او پيز ۽ احتياطي تدبيرن تي عمل ڪرڻ گهرجي، ويڪسين جي تياري تائي?? اسان کي ڪورونا وائرس سان گڏ رهڻو پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن قومي رابطا ڪميٽي جي اجلاس کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپ??يشن سينٽر ۾ روزاني جي بنياد تي اجلاس ٿي رهيا آهن، ڪورونا جي پاڪستان ۾ موجودگي کانپوءِ فوري طور تي اين سي سي جو اجلاس طلب ڪيو، پاڪستان جون حالتون چين ۽ يورپ کان مختلف آهن، پاڪستان ۾ 5 ڪروڙ ماڻه?? غربت جي لڪير هيٺ زندگي گذاري رهيا آهن.