اسلام آباد – 17 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته عوام کي رليف ڏيڻ جي لاءِ بنيادي ضرورتن جي شين جي قيمتن ۾ استحڪام ۽ انهن ۾ ممڪن ح?? تائين گهٽتائي آڻڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، هن هدايت ڪئي ته ڪڻڪ، کنڊ ۽ ٻين ضرورت جي شين جي ذخيري جا حق??قي تفصيل ۽ طلب ۽ پهچ جي حوالي سان صحيح ڪاٿن تي خاص ڌيان ڏنو وڃي ته جيئن بنيادي شين جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ اڳواٽ ان??ظام ڪري سگهجن، اسمگلنگ ۽ ذخيره ان??وزي جي حوصلا شڪني ۽ روڪٿام تي خاص ڌيان ڏنو وڃي، صوبائي حڪومتون ڪڻڪ جي قيمتن ۾ گهٽتائي آڻڻ جي حوالي سان تجويزن تي فوري طور تي غور ڪن ته جيئ?? ان جو باقاعده اعلان ڪري سگهجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن بنيادي ضرورتن جي شين جي قيمتن جي حوالي سان جائز?? اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو.