مظفرآباد – 05 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان تحريڪ انصاف آزاد ڪشمير جي صدر ??ئريسٽر سلطان محمود چوڌري جي قيادت ۾ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي پارلياماني پارٽين جي اڳواڻن جي وفد ملاقات ڪئي، ملاقات ڪندڙن ۾ مسلم ڪانفرنس جو سپريم هيڊ سردار عتيق احمد خان، مسلم ڪانفرنس جو صدر مرزا شفيق احمد جرال، جماعت ??سل??مي جو پارلياماني ليڊر عبدالرشيد ترابي، جماعت ??سل??مي جو امير ڊاڪٽر خالد محمود، پيپلزپارٽي ڄمون ڪشمير جو صدر ??ردار حسن ابراهيم، مخالف ڌر اڳواڻ چوڌري محمد ياسين ۽ پيپلزپارٽي آزاد ڪشمير جو صدر چوڌري لطيف ا??بر شامل هئا. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، ڪشمير معاملن وارو وفاقي وزير علي امين گنڊاپور، ڪشمير ڪميٽي جو چيئرمين سيد فخر امام، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جو وزيراعظم راجا فاروق حيدر ۽ قانونساز اسيمبلي جو اسپيڪر شاهه غلام قادر پڻ ملاقات ۾ موجود هئا.