اسلام آباد – 18 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سٽيزن پورٽل تي شهرين جي شڪايتن جو ازال?? نه ڪرڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ترجمان موجب سمورين وزارتن ۽ کاتن ۾ 5 رڪ??ي ڪميٽي جوڙي ويندي جنهن جي سربراهي 20 هين گريڊ جو آفيسر يا جوائنٽ سيڪريٽري ڪندو. ڪميٽي مقرر آفيسرن جي ڪارڪردگي جي ??نڊ??اڻ ڪندي، سمورا حل ٿيل ۽ غيرحل ٿيل شڪايتن ۽ خامين جي نشاندهي ترجيحي بنيادن تي ڪئي ويندي، وڏن آفيسرن بدران شڪايتن کي ماتحت عملي جي حوالي ڪيو ويندو آهي جنهن جي ڪري مسئلا حل ٿيڻ بدران ڊگها ٿيندا پيا وڃن.