اسلام آباد – 30 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهب??ز شريف عوامي جمهوريه بنگلاديش جي حڪومت جي چيف ايڊوائيزر پروفيسر محمد يونس سان ٽيليفون تي بنگلاديش ۾ ٻوڏ سبب ٿيندڙ تباهي تي بنگلاديش جي حڪومت ۽ عوام سان همدرديءَ جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهب??ز شريف ۽ عوامي جمهوريه بنگلاديش جي حڪومت جي چيف ايڊوائيزر پروفيسر محمد يونس ٽيليفون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم محمد شهب??ز شريف پروفيسر محمد يونس کي چيف ايڊوائيزر جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ بنگلاديش جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ سندس ڪردار کي ساراهيو. هن بنگلاديش ۾ تازي ٻوڏ سبب ٿيندڙ تباهي تي بنگلاديش جي حڪومت ۽ عوام سان همدرديءَ جو اظهار ڪيو. وزيراعظم مختلف شعبن ۾ تعاون وڌ??ئڻ جي ذريعي ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ بهتر ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏنو. پاڪستان ۽ بنگلاديش جي وچ ?? تاريخي، مذهبي ۽ ثقافتي رشتن جو ذڪر ڪند?? وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي وچ ?? واپاري لاڳاپن، ثقافتي مٽاسٽا ۽ عوام جي وچ ?? رابطن کي فروغ ڏيڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. ٻنهي اڳواڻن اتفاق ڪيو ته پاڪستان ۽ بنگلاديش جي عوام جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن وڌيڪ اتفاق ڪيو ته وسيع تر علائقائي تعاون ڏکڻ ايشيا جي ماڻهن جي زندگين کي بهتر بڻ??ئڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. پروفيسر محمد يونس ٽيليفون ڪرڻ ت?? وزيراعظم جا ٿورا مڃيا.