اسلام آباد – 15 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چناب درياءَ جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ امڪاني شديد ٻوڏ ۽ پنجاب جي شهري علائقن ۾ برساتن سان ٻوڏ واري ص??رتحال جي امڪاني خطري کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اين ڊي ايم اي، پي ڊي ايم ايز ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن کي هاءِ الرٽ رهڻ جي هدايت ??ند?? چيو آهي ته واهن، نديءَ نالن ۽ درياءَ جي ڀرپاسي امڪاني ٻوڏ ريلن کي روڪڻ جي لاءِ اڳواٽ حفاظتي قدم کنيا وڃن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته 25 آگسٽ تائين سانوڻي جي امڪاني شديد اسپيل جي ڊيش بورڊ تان پاڻ نگراني ڪري رهيو آهيان، اين ڊي ايم اي، پي ڊي ايم ايز، ريسڪيو ۽ ريليف جا ادارا، سول ڊفينس ۽ ضلعي انتظاميا چناب درياءَ جي ڪيچمنٽ ايريا ۽ برساتن سبب ٻوڏ واري ص??رتحال جي خطري ۾ ورتل شهرن ۾ عوام جي حفاظت جي لاءِ هر وقت تيار رهن، ڪنهن به هنگامي ص??رتحال ۾ ماڻهن جي انخلا ۽ ريسڪيو، پاڻي جي نيڪالي، دوائن، خيمن ۽ ٻين امدادي شين جي پهچ جي لاءِ مڪمل تياري يقيني بڻ??ئي وڃي. هن چيو ته برساتن ۽ ٻوڏ واري ص??رتحال کان امڪاني طور تي متاثر ٿيندڙ علائقن ۾ شهرين کي ص??رتحال بابت مڪمل طور آگاهه رکيو وڃي، واهن، نديءَ نالن ۽ درياءَ جي ڀرپاسي امڪاني ٻوڏ ريلن کي روڪڻ جي لاءِ اڳواٽ حفاظتي قدم کنيا وڃن. وزيراعظم هدايت ڪئي ته يقيني بڻ??يو وڃي ته شهرين کي هر وقت صورتحال تي نظر رکڻ جي لاءِ اين ڊي ايم اي جي ڊيزاسٽر الرٽ ايپلي ڪيشن بابت آگاهي پهچي.