اسلام آباد – 09 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهبناز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ واپاري لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جا خواهشمند آهيون، ٻطرفو واپاري ڪاٿو 5 ارب ڊالر ساليانو تائين وٺي وڃڻ جي لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهيا آهيون. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پار??ن جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن ترڪ واپار ۽ ڪسٽمز واري وزير ڊاڪٽر عمر بولات جي سربراهي ۾ ترڪ سيڙپڪارن جي اعليٰ سطحي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو ج??هن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ وفاقي وزيرن خواجه محمد آصف، محمد اورنگزيب، عبدالعليم خان، سردار اويس لغاري، پاڪستان جو ترڪيه ۾ سفير ڊاڪٽر يوسف جنيد پڻ شريڪ هو. ترڪ وفد ۾ ترڪيه جو نائب واپار وارو وزير مصطفيٰ تزجو، TOBB جو صدر رفعت حصار جڪليوعلو، DEIK جو صدر نَيل ا??لپڪ، ترڪيه ڪنٽريڪٽر ايسوسيئيشن جو صدر ايردال ا??رن، MUSIAD جو صدر محمود عصمالي، TUMSIAD جو صدر ريشار دوعان، ASKON جو صدر اورحان آئيدن، ترڪيه ايڪسپورٽر اسيمبلي جو صدر اتيله يرليڪايا ۽ ALBAYRAK هولڊنگ جو چيئرمين احمت البيراڪ سان گڏوگڏ پاڪستان ۾ ترڪيه جو سفير مهمت پاچاجي شامل هو. وزيراعظم ترڪ سيڙپڪارن جي وفد جي پاڪست??ن جي دوري جي آجيان ڪئي ۽ چيو ته ترڪيه ۽ پاڪست??ن جي عوام جي وچ ۾ مثالي ڀائراڻا لاڳاپا آهن جيڪي صدين تي ٻڌل آهن. ترڪيه ۽ پاڪستان هڪ قوم ٻه رياست آهن. وزيراعظم چيو ته پاڪستان حڪومت ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپاري لاڳاپن جي فروغ جي خواهشمند آهي. هن چيو ته ترڪ صدر رجب طيب اردوان سان پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ واپاري ڪاٿي کي موجوده سطح کان وڌائي ساليانو 5 ارب ڊالر تائين پهچائڻ تي اتفاق ٿيو. واپاري ڪاٿي کي ساليانو 5 ارب ڊالر تائين پهچائڻ جي لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهيا آهيون. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي ترڪيه جي سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ هر قسم جي سهولت فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم ترڪيه جي صدر کي جلد پاڪستان جو دورو ڪرڻ جي دعوت جو ورجاءُ ڪندي چيو ته پاڪستاني عوام ترڪيه جي صدر رجب طيب اردو??ن جي پاڪست??ن جي دوري جي منتظر آهي. ترڪيه جي سيڙپڪار وفد جو دورو، پاڪستان ۾ ترڪيه جي سيڙپڪاري ۾ اضافي لاءِ خوش آئنده ثابت ٿيندو. ملاقات ۾ ترڪيه جي واپار واري وزير چيو ته 54 ترڪ سيڙپڪار ڪمپنين جي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جو موجوده ڪاٿو 3.5 ارب ڊالر آهي. ترڪيه جي سيڙپڪارن پاڪستان ۾ سياسي ۽ معاشي استحڪام تي اطمينان جو اظهار ڪيو. ترڪ وفد 2023ع جي زلزلي ۾ پاڪستان پاران متاثر ترڪ ڀينرن ڀائرن جي ڀرپور امداد تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا.