اسلام آباد – 07 – آگسٽ (اي پ?? پي) صدر آصف علي زرداري جعلي خبرن ۽ غلط معلومات جي ڦهلاءُ جي حوصلا شڪني جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته حقيقتن جي ڇنڊڇاڻ ۽ معلومات جي تصديق جي ڪلچر کي ??روغ ڏيڻو پوندو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار پيمرا چ??ئرمين محمد سليم س??ن ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي. هن چيو ته ميڊيا معاشري ۾ رواداري، اتحاد ۽ اخلاقي قدرن جي فروغ ۾ ڪردار ادا ڪرڻ سان گڏوگڏ صحافت جي اعليٰ ترين معيار کي برقرار رک??. ص??ر چيو ته جديد مواصلاتي ٽيڪنالاجي جي ڪري نوان چئلينجز درپيش آهن، ميڊيا عوامي راءِ جي جوڙجڪ ۾ ذميواراڻو ۽ تعميري ڪردار ادا ڪري. هن چيو ته غلط معلومات ۽ پروپئگنڊه جي حوالي سان ضابطه اخلاق تي عمل ٿيڻ گهرج??. ص??ر جديد ٽيڪنالاجي ۽ باصلاحيت انساني وسيلن سان پيمرا جي صلاحيت بهتر بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته ميڊيا ملڪ جو بهتر تشخص ۽ سماجي ۽ اقتصادي مسئلن بابت شعور اجاگر ڪري. پيمرا چ??ئرمين صدر کي ??يڊيا منظرنامي جي ريگيوليشن ۽ ترقي ۾ پيمرا جي ڪردار ۽ ڪارڪردگي بابت آگاهه ڪيو. ان موقعي تي پ??مرا چ??ئرمين صدر کي ??يمرا رپورٽ 23 – 2021ع پڻ پيش ڪئ??. ص??ر ملاقات ۾ پيمرا کي ??ڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پنهنجي حمايت جو ورجاءُ ڪيو.