اسلام آباد-12 جولاءِ (اي پي پي) قومي اسيمبل?? جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته پاڪستان جا هنگري سان پراڻا دوستاڻا لاڳاپ?? آهن، پاڪستان هنگري سميت سمورن دوست ملڪن سان گڏيل لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جو خواهشمند آهي. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ مان جاري بيان موجب اهڙو اظهار هن هنگر?? جي سفير بيلافيزيڪاس سان ڳالهائيندي ڪيو، جنهن جمعي ڏينهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن ۽ پارلياماني تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. قومي اسيمبل?? جي اسپيڪر چيو ته پارلياماني سفارتڪاري ذريعي ٻنهي ملڪن جي عوام کي وڌيڪ ويجهو آڻي سگهجي ٿو. هن چيو ته پارلياماني وفدن جي مٽاسٽا ۽ پاڪ – هنگري پارلياماني فرينڊشپ گروپ ذريعي گڏيل تعاون کي هٿي ملندي. قومي اسيمبل?? جي اسپيڪر سردار اياز صادق تعليم جي ميدان ۾ هنگر?? جي تعاون کي ساراهيو. سفير اسپيڪر جي هنگري لاءِ خير سگالي ۽ لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي خواهش تي ٿورن جو اظهار ڪيو. هنگر?? جي سفير به پاڪستان سان پنهنجي لاڳاپن ۽ تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. سفير هنگر?? جي اسپيڪر طرفان قومي اسيمبل?? جي اسپيڪر کي پارلياماني وفد سان گڏ دوري جو دعوت نامو به ڏنو.