اسلام آباد – 26 – جون (اي پي پي) پاڪس??ان ۽ سوئيڊن ٻطرفن لاڳاپن جي رفتار تي اطمينان جو اظهار ڪندي گڏيل تعاون کي مضبوط بڻائڻ ۽ مستحڪم اقتصادي حصيداري تي ٻڌل وسيع البنياد لاڳاپن کي قائم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان جي پڌرائي ۾ چ??و ويو آهي ته پاڪس??ان ۽ سوئيڊن جي وچ ۾ ٻطرفي سياسي مشاورت جو 18 هون دور منعقد ٿيو. ايڊيشنل پرڏيهي سيڪريٽري (يورپ) سفير شفقت علي خان پاڪس??ان پاران قيادت ڪئي جڏهن ته سوئيڊن پاران سوئيڊن جي ڊائريڪٽر جنرل ۽ پرڏيهي وزارت جي گلوبل ڊپارٽمينٽ جي سربراهه سفير ڊيگ جوهلن ڊينفيلٽ نمائندگي ڪئي. ٻنهي ڌرين ٻطرفي تعاون جي سمورن رخن جو جائزو ورتو جنهن ۾ سياسي لاڳاپن، واپار ۽ سيڙپڪاري، تعليم ۽ عوام سان عوام جا رابطا شامل هئا. سوئيڊن پاران پاڪس??ان کي سوئيڊن ۾ بين المذاهب هم آهنگي جي فروغ جي لاءِ کنيل قدمن کان پڻ آگاهه ڪ??و ويو. اهم علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي پڻ بحث هيٺ آئي. ٻنهي ڌرين گڏيل قومن ۽ يورپي يونين سميت گهڻ رخي فورمز تي گڏيل دلچسپي جي سمورن معاملن تي هم آهنگي تي اتفاق ڪيو. ڊائريڪٽر جنرل پرڏيهي سيڪريٽري سان پڻ ملاقات ڪئي ۽ پاڪس??ان سوئيڊن ٻطرفن لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. واضح رهي ته پاڪس??ان ۽ سوئيڊن سفارتي لاڳاپا قائم ٿيڻ جي 75 هين سالگرهه ملهائي رهيا آهن.