اسلام آباد – 24 – جون (اي پي پي) نائب ??زيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر اسحاق ڊار چيو آهي ته سڄي دنيا ۾ سفارتڪار عورتن جو عالمي ڏينهن ملهايو پيو وڃي، سفارتڪاري جي شعبي ۾ پاڪستاني عورت سفارتڪارن جون خدمتون ساراهه جوڳيون آهن. گڏيل قوم?? جي جنرل اسيمبلي جي 76 هين اجلاس ۾ گڏيل قوم?? جي جنرل اسيمبلي اتفاق راءِ سان هر سال 24 جون تي سفارتڪاري ۾ عورت?? جي ڪردار جو عالمي ڏينهن ملهائڻ جو اعلان ڪيو. نائب ??زيراعظم ”ايڪس“ تي پنهنجي ٽائيم لائين تي لکيو ته ملڪ جي تاريخ ۾ پاڪستاني عورتن جو سفارتڪاري جي ميدان ۾ شاندار ڪردار رهيو آهي. هن چيو ته بيگم رعنا لياقت علي خان، محترمه شائسته اڪرام الله، محترمه بينظير ڀٽو جهڙين ٻين ڪيترين ئي اهم عورتن رڪاوٽون ٽوڙي سوين عورت سارتڪار?? جي لاءِ راهه هموار ڪئي جيڪي عالمي س??ح تي وقار سان گڏ پاڪستا?? جي نمائندگي ڪري رهيون آهن. نائب ??زيراعظم عورت سفارتڪارن کي ساراهيو ۽ انه?? جي خدمتن ۽ تعاون تي انهن جا ٿورا مڃيا.