لاهور – 10 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف قصور ۾ لڪي مروت دهشتگرد حملي ۾ شهيد ٿيندڙ ڪيپٽن محمد فراز الياس جي ??نازي نماز ۾ شرڪت ڪئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪيپٽن محمد فراز الياس جي ميت کي ڪلهو پڻ ڏنو. جنازي نماز ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، انسپيڪٽر جنرل پنجاب سميت ٻين اعليٰ سول ۽ فوجي ??فيسرن ۽ جوانن پڻ شرڪت ڪئي. وزيراعظم بعد ۾ ڪيپٽن فراز الياس شهيد جي پونئيرن تعزيت جو اظهار ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف شهيد جي ڳوٺ کي ماڊل وليج بڻائڻ جو اعلان ڪندي ڳوٺ کي فراز الياس شهيد جي نالي سان منسوب ڪرڻ جو حڪم ڏنو. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته قوم کي پنهنجي ??هادر فرزندن تي فخر آهي، بزدل دهشتگرد امن قائم ڪرڻ جي ??سان جي ??زم کي ڪمزور ڪرڻ ۾ ڪامياب نه ٿي سگهندا. وزيراعظم چيو ته الله تعاليٰ ڪنهن ڪنهن کي اهو عظيم م??ام بخشي ٿو، قرآن مجيد ۾ فرمان آهي ته شهيد کي مرده نه چئو، اهي زندهه آهن، شهيد ڪيپٽن فراز الياس پنهنجي ??اندان جي مغفرت جو سبب بڻجندا. هن چيو ته پاڪ فوج جي هزارين جوانن جانين جا نذرانا پيش ڪيا، آئون يقين ڏياريان ٿو ته شهيد جي ??ظيم قرباني رائيگان نه ويندي، شهيد جو رت ضرور رنگ لائيندو. محمد شهباز شريف چيو ته ملڪ جي ??اطر جان ڏيندڙن جي قرانين کي وساري نه ٿو سگهجي، پاڪ زمين تان دهشتگردن کي ختم ڪري ئي سک جو ساهه کڻنداسين. بعد ۾ لڪي مروت حملي ۾ شهيد ٿيندڙ ڪيپٽن محمد فراز الياس جي مڪمل فوجي ??عزاز سان تدفين ڪئي وئي. وزيراعظم شهيد جي قبر تي حاضري ڀ??ي، فاتحه خواني ڪئي، قبر تي گل چاڙهيا ۽ شهيد جي ??رجن جي ??لندي لاءِ دعا ڪئي. قصور جي ڳوٺ راءِ ڪلان سان تعلق رکندڙ 26 سالن جي ??هيد ڪيپٽن محمد فراز الياس لڪي مروت ويجهو فرضن جي ??دائيگي دوران آءِ اي ڊي حملي ۾ جرئت ۽ بهادري جو مظاهرو ڪندي شهادت ماڻي.