اسلام آباد– 04 – اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته معيشت تي سياست نه ٿيڻ گهرجي، معاشي استحڪام لاءِ سڀني کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، معاشي انگ اکر بهتري طرف گامزن آهن، معيشت بهتر ۽ مهانگائي ??هٽ ٿي رهي آهي، اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ مثبت رجحان آهي، قومي ايئر لائين جو ساليانو خسارو 80 ارب رپيا آهي، ان جي نجڪاري جو سلسلو اڳتي وڌي رهيو ??هي. هو وزيراعظم جي ماحولياتي تبديلي بابت ڪوآرڊينيٽر رومينه خورشيد عالم ??ان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم شهباز شريف اڄ ڪابينا اجلاس ۾ مثبت معاشي انگن اکرن تي تفصيلي روشني وڌي. وفاقي وزير چيو ته ا??ان جي گذريل 16 مهينن جي حڪومت ۾ معيشت جي استحڪام جو بنياد رکيو ويو، ملڪ کي ڊيفالٽ کان بچايو ويو. وزيراعظم شهباز شريفج ي ڪوششن ??ان آءِ ايم ايف ??ان ڳالهيون ٿيون ۽ انهن ڳالهين جي نتيجي ۾ اسٽينڊ باءِ ايگريمنٽ ٿيو جنهن جا ثمر اڄ رپئي جي قدر ۾ استحڪام ۽ ايڪسچينج ريٽ ۾ بهتري جي صورت ۾ ڏسي سگهجن ٿا. هن چيو ته گذريل 16 مهينن دوران ا??ان جي برآمد ڪندڙن کي تمام گهڻيون مشڪلاتون درپيش هيون. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته معيشت جي حوالي ??ان ا??ان ڪيترين ئي مشڪلاتن کي منهن ڏنو، هاڻي معيشت ۾ بهتري اچي رهي ??هي. هن چيو ته جڏهن به معيشت ۾ استحڪام جون خبرون آيون، اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ نمايان تيزي ڏٺي وئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته بلومبرگ هڪ سٺي سهرت رکندڙ عالمي مالياتي رسالو آهي جنهن پاڪستان ۾ مهانگائي جي شرح ??هٽ ٿيڻ جي اڳڪٿي ڪئي ??هي. وفاقي وزير چيو ته پي آءِ اي جي نجڪاري جي حوالي ??ان ميڊيا عوام کي سمورين حقيقتن کان آگاهه ڪيو جنهن تي ان جا ٿورائتا آهيون. هن چيو ته پي آءِ اي جو ساليانو خسارو 80 ارب رپيا آهي جيڪو غريب عوام کي برداشت ڪرڻو پوي ٿو. هن چيو ته پي آءِ اي جو خسارو قومي خزاني تي بار آهي، پي آءِ اي جي نجڪاري ??ان ا??ان کي روينيو پڻ حاصل ٿيندو ۽ ان جي خساري جو بار سرڪاري خزاني تان ختم ٿيندو. هن چيو ته منهنجي سدائين کان اها گذارش رهي آهي ته ا??ان معاشي استحڪام جي لاءِ سياسي استحڪام طرف وڃون. هن چيو ته اڄ ڪابينا جي اجلاس ۾ معيشت جي حوالي ??ان پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي ۽ اميد ظاهر ڪئي وئي ته آءِ ايم ايف بورڊ جي منظوري کانپوءِ پهرين ادائيگي هن مهيني مڪمل ٿي ويندي. هن چيو ته مثبت انگ اکر ۽ رجحانن کي اڳتي کڻي هلنداسين ته واڌويجهه جي شرح ۾ اضافو ٿيندو. هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جي ذاتي ڪوششن ??ان ايف بي آر جي ڊيجيٽلائيزيشن ٿي رهي ??هي. هن چيو ته ملڪ آهي ته سياست آهي، ملڪ آهي ته سياستدان آهن ان لاءِ ا??ان کي معيشت کي سياست جي ور نه چاڙهڻ گهرجي. هن چيو ته معاشي استحڪام جي لاءِ سڀني کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. وفاقي وزير چيو ته ڪيترائي ڀيرا اهڙيون اچي وڃن ٿيون جن ??ان معيشت تي منفي اثر پوي ٿو، ميڊيا کي درخواست آهي ته اهڙين خبرن جي تصديق ضرور ڪري، اطلاعات واري وزارت جا دروازا انهن جي لاءِ سدائي?? کليل آهن. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم پاڪ چين دوستي کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو، هن بشام واقعي کانپوءِ داسو وڃي چيني انجنيئرز ??ان ملاقات ڪئي ۽ انهن ??ان يڪجهتي جو اظهار ڪيو. هن چيو ته معيشت جي بهتري ۽ قومي مفاد جي لاءِ پوري قوم گڏ ??هي. هن چيو ته ا??ان کي اميد رکڻ گهرجي، اميد ??ان ڪيترائي مسئلا حل ٿي وڃن ٿا، اميد جو نالو ئي شهباز شريف آهي جنهن ماضي ۾ به ڊيليور ڪيو ??هي. شهباز شريف نواز شريف جي قيادت ۾ ساڍا 12 سالن جي اندر پنجاب جو نقشو بدلايو، وزيراعظم ملڪ جي بهتري لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪري رهيو آهي، مريم نواز پنجاب ۾ بهترين انداز ۾ پنهنجو ڪم ڪري رهي ??هي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ا??ان کي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ وڌيڪ حڪمت عملي جوڙڻي پوندي. هن چيو ته اڄ هڪ پارٽي گرينڊ الائنس جو اعلان ڪيو آهي، ان الائنس ۾ باقي ڪهڙيون پارٽيون شامل آهن، انهن جا نالا ناهن ٻڌايا ويا. وفاقي وزير چيو ته بشريٰ بي بي جي معالج اڄ بشريٰ بي بي جي صحت کي اطمينان جوڳو قرار ڏنو آهي جيڪا خوش آئنده ??هي. وفاقي وزير چيو ته نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ تمام جلد حڪمت عملي جو اعلان ڪيو ويندو. هن چيو ته ملڪ سياسي استحڪام طرف وڌي رهيو آهي، ان ??ان گڏوگڏ معاشي استحڪام پڻ ايندو. هن چيو ته انشاءَ الله وزيراعظم شهباز شريف جي قيادت ۾ ملڪ جا سمورا مسئلا حل ڪنداسين. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اسپورٽس باڊيز جا مسئلا حل ڪنداسين، پاڪستان هاڪي فيڊريشن جي حوالي ??ان ڪميٽي جوڙي پئي وڃي. پاڪ ايران گئس پائيپ لائين منصوبي جي حوالي ??ان هن چيو ته اڄ ڪابينا جي اجلاس ۾ ان بابت ڪا ڳالهه ٻولهه نه ٿي. اي پي پي جي حوالي ??ان هڪ سوال جي جواب ۾ وفاقي وزير چيو ته اي پي پي ۾ تازي رونما ٿيندڙ واقعي جي جاچ جي لاءِ ڪمٽي جوڙي ??هي. اطلاعات واري وزارت جا سينيئر آفيسر ان واقعي جي جاچ ڪري رهيا آهن. وفاقي وزير چيو ته انڪوائري ڪميٽي جي سفارشن تي عمل ڪيو ويندو. ميڊيا ورڪرز ۽ رپورٽرز جي مسئلن بابت اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته هو سڀاڻي ڪراچي جو دورو ڪري رهيو آهي جتي هو پي بي اي ۽ اي پي اين ايس جي ميمبرن ??ان ملاقاتون ڪندو ۽ رپورٽرز ۽ ميڊيا ورڪرز جا مسئلا عيد کان اڳ حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين، ان حوالي ??ان سڀاڻي باضابطا پريس ريليز ڪراچي مان جاري ٿيندي. والٽن ايئرپورٽ جي معاهدي بابت سوال تي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته والٽن ايئرپورٽ جي حوالي ??ان معاهدو عمران خان جي دور ۾ ٿيو هو، اتي رستا ٺهي چڪا آهن، ترقياتي ڪم به ٿي چڪو آهي، عمران خان ڀڳڙن جي مٺ تي ان زمين جو معاهدو طئي ڪيو. ا??ان ملڪ ۾ سيڙپڪارن جي اعتماد کي نقصان پهچائڻ نٿا چاهيون، ا??ان ان معاهدي کي ڏسي رهيا آهيون ته ان ۾ ڪهڙي شيءَ آهي جنهن کي ٺيڪ ڪري سگهجي ٿو.