اسلام آباد– 26 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي سيڪريٽري سائرس سجاد قاضي اسلام آباد ۾ روسي فيڊريشن جي سفارتخاني جو دورو ڪيو ۽ ماسڪو ۾ دهشتگرد حملي ۾ قتلام تي پاڪستان پاران روسي عوام ۽ حڪومت سان تعزيت جو اظهار ڪيو. پرڏيهي آفيس موج?? ان موقعي تي سفارتخاني ۾ تعزيتي ڪتاب تي پنهنجا تاثر لکندي پرڏيهي سيڪريٽري پاڪستان پاران ماسڪو ۾ دهشتگردي جي واقعي جي شديد م??مت جو ورجاءُ ڪيو ۽ قومي ڏک ??ي هن گهڙيءَ ۾ روس سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو.