اسلام آباد – 07 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اسان سڀني جو صدارتي اميدوار آهي، آصف علي زرداري جي ڪاميابي اسان سڀني جي لاءِ فخر جي ڳال??ه هوندي، پاڪستان جي نظام ۾ ڪو به پنهنجا اختيار نه ٿو ڏي پر آصف علي زرداري پنهنجا اختيار پارليامينٽ کي ڏنا. وزيراعظم محمد شهباز ش??يف پاران پارليامينٽ جي چونڊيل ميمبرن کي ڏنل آجياڻي کي خطاب ڪندي پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته آصف علي زرداري اسان سڀني جو صدارتي اميدوار آهي، ان جي اڳوڻي صدارتي دور ۾ ا??م قانونسازي ڪئي وئي، 58 ٽو بي جو صدارتي اختيار ختم ڪيو و??و، پاڪستان جي نظام ۾ ڪير پنهنجو اختيار نه ٿو ڏي پر هن پنهنجو اختيار پارليامينٽ کي ڏنو جنهن کي تاريخ ياد رکندي هن چيو ته جيڪڏهن آصف علي زرداري صدر چونڊجي وڃي ٿو ته اها اسان سڀني جي لاءِ فخر جي ڳال??ه هوندي.