اسلام آباد – 13 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف وزيراعظم رمضان ريليف پئڪيج جي ورڇ جي جائزي جي لاءِ اسلام آباد ۾ مختلف يوٽيلٽي اسٽورز جو اوچتو دورو ڪ??و. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم دوري دوران مستحقين سان ملاقات ڪئي ۽ انهن کان پئڪيج حاصل ڪرڻ جي حوالي سان درپيش مسئلن بابت پڇيو. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته يقيني بڻايو ??ڃي ته رمضان پئڪيج حاصل ڪرڻ جي لاءِ آيل مستحقين کي ڪنهن به قسم ج?? مشڪل کي منهن نه ڏيڻو پوي.