اسلام آباد – 28 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي نئين چونڊيل اسيمبلي جي افتتاحي اجلاس جي انتظامن جو جائزو وٺڻ جي ل??ءِ قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ ۽ قومي اسيمبلي هال جو دورو ڪيو. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ جي ع??لدارن نگران وفاقي وزير کي قومي اسيمبلي جي افتتاحي اجلاس جي انتظامن بابت بريفنگ ڏني. ڊي جي ميڊيا نگران وفاقي وزير کي ٻڌايو ??ه نئين چونڊيل قومي اسيمبلي ميمبرن جي سهولت لاءِ قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ پاران خصوصي انتظام ڪيا ويا آهن. انهن اسيمبلي ميمبرن جي رجسٽريشن، انهن جي ل??ءِ ضروري دستاويزن جي تياري ۽ قومي اسيمبلي جي ضروري قاعدن ۽ ضابطن کان پڻ آگاهه ڪيو. انهن ٻڌايو ??ه نئين چونڊيل ميمبرن جي ل??ءِ اسيمبلي هال ۾ سيٽن جو خصوصي انتظام پڻ ڪيو ويو ??هي. نگران وفاقي وزير نئين چونڊيل اسيمبلي ميمبرن جي سهولت لاءِ پارليامينٽ هائوس ۾ قائم فيسلي ٽيشن سينٽر جو پڻ دورو ڪيو ۽ اتي موجود عملي سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي نگران وفاقي وزير کي فيسلي ٽيشن سينٽر جي معاملن ۽ نئين چونڊيل اسيمبلي ميمبرن کي فراهم ڪئي ويندڙ سهولتن بابت بريفنگ پڻ ڏني وئي.