اسلام آباد – 02 – فيبروري (اي پي پي) نگران حڪومت هڪ سياسي پارٽي جي ٽرول برگيڊ پاران سينيئر صحافي غريده فاروقي کي هراسان ڪرڻ جي بدنيتي تي ٻڌل مهم تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. سماجي رابطي جي پليٽ فارم ”ايڪس“ تي پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ اطلاعات، نشريات ۽ پارليامان?? معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو ته ماڻهن جي گهرن جو ڏس پتو ۽ پرائيويٽ فون ن??برز ليڪ ڪرڻ تشدد ۽ هراسان ڪرڻ جي برابر آهي جنهن کي قطعي طور برداشت نه ڪيو ويندو. هن چيو ته لاڳاپيل عملدار ان معاملي جي جاچ ڪري رهي?? آهن، جوابدار ۽ انهن جا هينڊلرز قانون موجب س??ا کان ن?? بچي سگهندا.