حيدرآباد – 02 – فيبروري (اي پي پي) ڄامشورو ۾ ??لڪ جي پهرين نجي آرٽ ۽ ڪلچر ??ون??ورسٽي ۾ پهريون ڊگري شو 2024ع منعقد ڪيو ويو آهي، اهو پنهنجي نوعيت جو پهريُون ڊگري ميلو آهي، جيڪو 28 ڏينهن جاري رهندو، ڊگري ميلي جو افتتاح ڪندي قومي ورثي ۽ ثقافت جي نگران وفاقي وزير سيد جمال شاھ چيو ته نجي شعبي ۾ هن قسم جي شاندار نموني واري آرٽ ۽ ڪلچر ??ون??ورسٽي قائم ڪئي وئي آهي، جيڪو هڪ فرد جو وڏي همٿ وارو ۽ ساراهه جوڳو ڪم آهي، هڪ آرٽسٽ کي جيڪو ڪم ڪرڻ گهرجي ها اهو ڪ??ي ڏيکاريو آهي. ڄامشورو ۾ قائم ??لڪ جي پهرين نجي آرٽ ۽ ڪلچر ??ون??ورسٽي ۾ شروع ٿيل پهرئين ڊگري شو 2024ع جو افتتاح قومي ورثي ۽ ثقافت جي نگران وفاقي وزير سيد جمال شاھ ۽ ڪلچر ۽ آرٽ ??ون??ورسٽي جي چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتاح دائودپوٽو گڏجي ڪيو. ڊگري شو نمائش ۾ ??ون??ورسٽي جي فائين آرٽ، ٽيڪسٽائيل آرٽ، ميڊيا ڪم??ون??ڪيشن آرٽ، آرڪيٽيڪچر آرٽ ۽ ٻين شعبن جي آخري سال جي شاگردن ۽ شاگردياڻين جي ڊگري ٿيسز طور هٿ سان تيار ڪيل پروجيڪٽس کي نمائش لاءِ رکيو ويو آهي. ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي مهمان خاص سيد جمال شاھ چيو ته مون کي ان ڳالهه جي خوشي ٿي آهي ته پرائيويٽ سيڪٽر ۾ هن قسم جي شاندار نموني واري آرٽ ۽ ڪلچر ??ون??ورسٽي قائم ڪئي وئي آهي، جيڪو هڪ فرد جو وڏي همٿ وارو ۽ ساراهه جوڳو ڪم آهي. ڪجهه عرصو اڳ هتي يقينن برپٽ ۽ خالي ميدان هو ۽ هاڻي جهنگ ۾ گُلزاري ٿي وئي آهي. آرٽسٽ کي جيڪو ڪم ڪرڻ گهرجي ها اهو هن ڪ??ي ڏيکاريو آهي ۽ پاڻ مڃرايو آهي. اميد آهي ته هي ادارو اڳتي هلي ترقي ڪندو ۽ آرٽ سان تعلق رکندڙ ماڻهن لاءِ اتساهه جو سبب بڻجندو ته جيئن ??لڪ ۾ آرٽ ۽ ڪلچر جا ٻيا ادارا به قائم ٿي سگهن. جڏهن ته صحافين سان ڳالهائيندي قومي ورثي ۽ ثقافت جي نگران وفاقي وزير سيد جمال شاھ چيو ته آرٽ ??لڪ ۽ قوم لاءِ انتهائي ضروري آهي جيستائين ??لڪ ۽ قوم آرٽ کي اهميت نه ڏيندي ترقي ڪري نه سگهبي ۽ نه ئي اڳتي وڌي سگهبو ڇاڪاڻ ته آرٽ ۽ ڪلچر اهڙو ذريعو آهي جيڪو زندگيءَ جي روز مرہ جي هر رخ سياست، س??اجيات، مذهب، سائنس سان پيار محبت ذريعي جڙي ٿو. اسان جي زمين ثقافتي طور تي گهڻي شاهوڪار آهي جيڪا پيار، محبت ۽ پاٻوهه سان پيش اچڻ جو سبق سيکاري ٿي. آرٽ زمين تي ڪنڊا نه پر گل پوکڻ جو درس ڏئي ٿو. جنهن جو مثال شاهه لطيف، سچل، بلي شاهه، خواجا فريد، رحمان بابا، شيخ اياز ۽ ٻيا آهن. هن چيو ته آرٽ اندر جي خوف کي ماري ٿو. جنهن سان انسان پنهنجي اندر جي اظهار کي آرٽ ذريعي نروار ڪري ٿو، پاڻ بزدلي ڇڏي بهادر ۽ اڻ موٽ بڻجي وڃي ٿو.
سيد جمال شاھ شاگردن ۽ شاگردياڻين جي ٿيسز پروجيڪٽس بابت ڳالهائيندي چيو ته شاگردن ۽ شاگردياڻين جو نمائش ۾ پيش ڪيل ڪم انتهائي سليقي وارو آهي، انفارم پروجيڪٽس اهن آرٽسٽ وڏا ذهين آهن جن جو هتان جي زمين سان، هتان جي رنگن، مسئلن ۽ ماڻهن سان گھرو تعلق جڙيل آهي. ان کان اڳ ??ون??ورسٽي جي چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتاح دائودپوٽو آجياڻي خطاب ڪندي ??ون??ورسٽي جي ڪارڪردگي ۽ ڪارج تي روشني وڌي ۽ چيو ته ??ون??ورسٽي جي هي پھرئين بيچ آهي جيڪا پاس آئوٽ ٿي رهي آهي، جنهن ۾ ??ون??ورسٽي جي چئن شعبن فائين آرٽس، ٽيڪسٽائيل آرٽ، ميڊيا ڪم??ون??ڪيشن آرٽ ۽ آرڪيٽيڪچر جي آخري سال جي شاگردن ۽ شاگردياڻين جو گڏيل پروجيڪٽس کي نمائش ۾ رکيو ويو آهي ۽ اها نمائش 28 ڏينهن جاري رهندي جنهن جي پڄاڻي واري تقريب 28 فيبروري 2024ع تي ٿيندي.
جڏهن ته ڊگري شو ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين پنهنجي پروجيڪٽس بابت آيل مهمانن کي ڄاڻ ڏني ۽ پنھنجا پروجيڪٽس پيش ڪندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين ميڊيا سان ڳالهائيندي پنهنجي پنهنجي خوشي جو اظهار ڪيو ۽ ??ون??ورسٽي جي گهاريل يادگار گھڙين کي ساريندي پنهنجي مستقبل جي حڪمت عملي بابت نيڪ خواهشن ۽ اميدن جو اظھار ڪيو. ڊگري شو جي افتتاحي تقريب ۾ ??ون??ورسٽي جي سينيٽ، س??نڊيڪيٽ ميمبرن ۽ فيڪلٽي ميمبرن، آفيسرن، ملازمن توڙي شاگردن ۽ شاگردياڻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.